ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ خوشخبري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ جولاءِ کان سيپٽمبر جي ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.

ڪي اليڪٽرڪ طرفان نيپرا ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن تي ٻڌڻي 30 نومبر تي ٿيندي.

ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 7 رپيا 83 پئسا في يونٽ سستي ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته آڪٽوبر جي ماهوار ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ به بجلي هڪ رپيو 88 پئسا سستي ٿيڻ جو امڪان آهي.

ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ سان واهپيدارن کي 3 ارب 15 ڪروڙ 70 لک رپين جو رليف ملندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.