نه وقت کان اڳ چونڊون نه جنرل باجوا جي مدي ۾ واڌ، نواز شريف جو انڪار

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  وقت کان اڳ چونڊون ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه آهن، نه ڪنهن جي دٻاءَ ۾ اينداسين نه ئي مصلحت  جو شڪار ٿينداسين، لنڊن پهتل وزيراعظم شهباز شريف سان ڊگهن صلاح مشورن دوران نواز شريف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت مدي ۾ واڌ سميت سمورا فارمولا رد ڪري ڇڏيا آهن.

(ن) ليگ جي اهم ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته نواز شريف تمام واضح لفظن  ۾ چيو آهي ته نه آرمي چيف جي مقرريءَ تي ڪنهن سان صلاح  مشوري جي ضرورت آهي نه ڪنهن جي دٻاءَ ۾ اچي سوديبازي ڪرڻ جي ضرورت آهي. حڪومت وڃي يا مارشل لا لڳي ڪنهن به مصلحت کان ڪم وٺڻ جي گهرج نه آهي.

عمران خان نه سياسي ماڻهون آهي، نه ئي ان سان ڪنهن به معاملي تي ڳالهين جي ضرورت آهي. سمورا فيصلا  آئين موجب ميرٽ تي ڪيا وڃن.  سياست ۾ جن گند ڦهلايو آهي اهي ئي صفائي ڪن اسان وڌيڪ سياسي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون.

ملڪ ۽ عوام خاطر اڳ ئي سياسي نقصان ڪيو آهي رياست بچائڻ رڳو (ن) ليگ يا اتحادين تي فرض نه آهي. سمورا آئيني ادارا پنهنجيون ذميواريون ادا  ڪن. شهباز شريف تي واضح ڪيو ويو آهي ته اقتدار خاطر ڪنهن به مصلحت جو شڪار ٿيڻ جي ضرورت نه آهي.

ان حوالي سان اتحادين کي به سموري صورتحال جي ڄاڻ ڏني وڃي ۽ اعتماد ۾ ورتو وڃي. صلاح مشورن  ۾ مريم نواز به موجود رهي، (ن) ليگ ذريعن جو چوڻ آهي ته ائين محسوس ٿي رهيو هو. ڄڻ نواز شريف جي برداشت جواب ڏئي وئي هجي انتهائي ڪاوڙ ۾ هو. ڪنهن کي به ترجيتري رعايت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ حڪومت  ڇڏڻ لاءِ به ذهني طور تيار ويٺو آهي.

نواز شريف جو کليل ۽ کرو موقف يقيني طور اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان لاءِ  سخت  پيغام آهي ته ٻئي طرف اتحادين کي به امڪاني  جهيڙي لاءِ تيار رهڻ جو نياپو آهي. جنهن جو مقصد اهو به آهي ته هاڻي جهيڙو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽  حڪومت مضبوط آهي. ان ڪري نواز شريف اعتماد سان فيصلا ڪري رهيو آهي. سندس اهو به چوڻ آهي ته اصولن تي ڪابه  سوديبازي نه ٿيندي.

آرمي چيف جي مقرري وزيراعظم  جو اختيار آهي اهو ئي فيصلو ڪندو. ان مان اهو به ظاهر  ٿئي ٿو ته جنرل باجوه کي ملازمت مدي  ۾ واڌ جو افواهه ڪنهن ٻئي ڪئمپ مان ٿي رهيو آهي. جنرل باجوه کي مدت ۾ واڌ بلڪل به قبول نه آهي.

نواز شريف انتهائي تجربرڪار ۽ با خبر سياستدان آهي. ان ڪري سندس ڳالهين مان محسوس ٿي رهيو آهي ته عمران خان جي هاڻي سسٽم ۾ ڪابه گنجائش نه آهي. جيڪي عمران خان کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، نواز شريف  کي انهن جي به ڀليءَ  ڀت ڄاڻ آهي. نامياري صحافي موجب عمران خان آخري مورچي طور ايوان صدر کي سازش جو ڳڙهه بڻايو آهي. پر اتان به شايد کيس گهربل فيض حاصل نه ٿي سگهي.

نوٽ: سيد عمران شفقت جو هي تبصرو روزاني عوامي آوازجمعو 22-11-11 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.