لانگ مارچ جو مقصد آرمي چيف جي مقرري لاءِ لاش ڪيرائڻ آهي: جاويد لطيف

لاهور (م ڊ) وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ميان جاويد لطيف چيو آهي، ته مقامي صحافي صدف نعيم جي لاڏاڻي تي افسوس ٿيو آهي. لانگ مارچ جو مقصد آرمي جي مقرري لاءِ لاش ڪيرائڻ آهي، عمران خان هاڻي ڀارتي اکين جو تارو بڻجي ويو آهي، عمران خان جي مني لانڊرنگ جو فيصلو ڇو نه اچي رهيو آهي؟ عمران خان پهريون ليڊر آهي جنهن جي ڪرپشن جا ثبوت موجود آهن. فيصلو اليڪشن ڪميشن ڏئي چڪي آهي، اربين رپيا خوني مارچ تي جيڪي خرچ ٿي رهيا آهن، ٻڌايو وڃي ته فنڊنگ ڪير ڪري رهيو آهي؟ ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڪڏهن عمران خان انقلابي، ڪڏهن حقيقي آزادي ته ڪنهن وقت اسٽيبلشمينٽ للڪارڻ ته ڪڏهن گهرو ۽ پرڏيهي پاليسي سان کيڏي ٿو. عمران خان 3 -4 لک بدران 3-4 هزار ماڻهن کي ڏسي سوچي رهيو آهي ته ڪنهن سان ڳالهايان. هن چيو ته عمران نيازي جيڪو ڳالهائي ٿو، ته اسان هڪ پيج تي آهيون جڏهن اهو پيج ڦاٽڻ لڳو ته زرداري جي پيرن تي ڪريو، آصف زرداري کان جواب ملڻ کان پوءِ ڇهه مهينا محمد نواز شريف تائين رسائي لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو ۽ ناڪام واپس موٽيو.

وزيراعظم اڄ چين روانو ٿيندو، اهم معاهدن تي صحيح جا امڪان

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ پهرين نومبر تي چين روانو ٿيندو. 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چين جو اهو پهريون دورو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي. چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي وچ ۾ ازبڪستان ۾ 16 سيپٽمبر 2022ع تي ملاقات ٿي هئي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي 20 هين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽيون ڀيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چين جو دورو ڪندڙ اولين اڳواڻن ۾ شامل آهي. اعليٰ سطحي وفد به وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ هوندو. وزيراعظم دوري دوران چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون. ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ سدا بهادر، آزمايل، اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارٽنرشپ جو جائزو وٺندا. ملاقاتون ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع آهي. دوري جي دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪرڻ جا به امڪان آهن. دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد آهي. هوڏانهن وزيراعظم چيو ته  پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ واپار جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آهن، سي پيڪ پاڪستان جي لاءِ گيم چينجر منصوبو آهي، پاڪستان چائنا بزنس اينڊ انويسٽميمنٽ فورم جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سي پيڪ جي ڪري 2013ع کانپوءِ ٽن سالن ۾ چين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ملڪن مان پهرين نمبر تي اچي ويو آهي، هاڻي اسان کي چيني سيڙپڪاري ۾ اضافي جو هدف ٻيهر حاصل ڪرڻو پوندو، سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ۽ روڊ بلاڪس ختم ڪرڻا پوندا، ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ چين جا ٿورائتا آهيون. پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، چين جي صدر ۽ وزيراعظم پاڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم جي لاءِ همدردي جو پيغام موڪليو آهي ۽ 644 ملين يوآن جو امدادي سامان موڪليو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.