دنيا ۾ دهشتگردي، جنگ وڏين طاقتن جي هڪ طرفي فيصلن جو نتيجو آهي: ايران

تهران(م ڊ) ايران جي صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته دنيا ۾ دهشتگردي، جنگيون، پابنديون ۽ خون ريزي وڏين طاقتن جي هڪ طرفي  فيصلن جو نتيجو آهي. ايراني خابرو اداري مطابق هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ پهچڻ تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي. صدر رئيسي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گڏيل قومن کي صرف وڏين طاقتن جو نه پر سڄي دنيا جو ادارو هئڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.