جيڪب آباد لڳ برسات جو پاڻي نه نڪتو، ڊي سي آفيس آڏو بک هڙتال

جيڪب آبا د ( ڊر ) يوسي ناوڙا جي رھواسين پاران سيد عبدالرزاق شاھ، وڏيرو پنھل بروھي، تاج محمد بروھي ۽ مرزا بروھي جي اڳواڻي ۾  ڳوٺاڻن ڊي سي چوڪ اڳيان علامتي بک ھڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو انھي موقعي مظاهرين انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته يوسي ناوڙا ۽ يوسي شاھپور ۾ ھٿرادو ڪوريجا ۽ چنڊ شاخ جو پاڻي جمح ڪري ناوڙا ڏانھن ڇوڙ ڪيو ويو آھي اسان جي ڳوٺ ۾ 8 کان 10 فوٽ برساتي پاڻي بيٺل آھي اسانجي ڳوٺ جا ڪيترائي ماڻھون بي گھر بڻيل آھن ھنن چيو ته ڪجھ فوتگيون ٿيون آهن اسانکي ھن پاڻي مان گذرڻو پيو اسين پنھنجي پيارن جون لاشون پاڻي تان کڻي وڃونٿا ڊي سي محمد يوسف ۽مختيار ڪار عباس سڌايو وڏيرن ۽ با اثرن کي خوش ڪرڻ ۾ مصروف آھي اسين چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ آرمي چيف قمر جاويد باجوا کان مطالبو ڪريونٿا ته فورن اسان جي ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرائي اسان کي راشن ٽينٽ ڏنا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.