اسٽار لنڪ سيٽلائيٽ انٽرنيٽ بابت ايلون مسڪ جو وڏو اعلان

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) ايلون مسڪ دعويٰ ڪئي آهي ته اسٽارلنڪ انٽرنيٽ هاڻي انٽارڪٽيڪا سميت سڀين کنڊن ۾ هلي سگهندي.

هڪ خابرو ميڊيا اداري موجب اسٽارلنڪ نيٽ ورڪ بنيادي طور تي ٻهراڙي جي ماڻهن لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي جنهن کي زميني ٽيلي ڪميونيڪيشن انفراسٽرڪچر تائين پهچ ناهي. گذريل هفتي مسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس انٽارڪٽيڪا جي ميڪ مرڊو اسٽيشن ۾ اسٽارلنڪ انٽرنيٽ جا ٽرمينلز لڳائي تجربو به ڪيو آهي.

سومر تي ايلون مسڪ ٽوئٽر تي اعلان ڪيو ته اسٽار لنڪ تازو انٽارڪٽيڪا سميت ٻين کنڊن تي به فعال ڪيو ويندو. ان کان اڳ هن ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته اسٽار لنڪ کي رڳو پر امن مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

اسپيس ايڪس جي ويبسائيٽ موجب اسٽارلنڪ انٽرنيٽ جي ويڪيوم ذريعي ڄاڻ موڪلڻ جو ڪم ڪندو آهي، اها فائبر آپٽڪ ڪيبل جي ڀيٽ ۾ گهڻو تيز رفتاي سان سفر ڪندو آهي ۽ گهڻن ماڻهن تائين پهچندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.