جهڏي ڀرسان ناريءَ زهر پي آپگهات ڪري ڇڏيو

ڊگھڙي (ن ع آ) جهڏو ڀرسان ڳوٺ منظور شاھ ديهھ 370 جي رهواسڻ رامي زال رام چند ڪولهي مبينا طور زرعي زهريلي دوا پي ڇڏي، ناري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڊگهڙي اسپتال نيو ويو پر زهر جسم ڦهلجڻ سبب هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو. فوتڻ جي ماءُ جو چوڻ هو ته هن جي نياڻي ساهرن جي ظلم کان تنگ ٿي خودڪشي ڪئي آهي.

ٽنڊي باگي ۾ٽن سالن جو ٻارڙو ٻڏي فوت

ٽنڊوباگو (ت ر)  ٽنڊي باگي ڀرسان ڳوٺ بکو چانڊيو ۾ ٽن سالن جو ٻارڙو گل محمد پٽ اعجاز چانڊيو گهرن ڀرسان برساتي پاڻي سان ڀريل کڏ ۾ ڪري فوت ٿي ويو ڳوٺ بکو چانڊيو جي رهواسي محمد اڪرم چانڊيو موجب هڪ مهينو اڳ برسات دوران سم نالي کي لڳل گهارن سبب ڳوٺ ٻاهران گھارن جو پاڻي جمع ٿي ويو هو.ڳوٺ مان برساتي ۽ گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري هي واقعو پيش آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.