پراسرار طور فوت ٿيل نوي واري ڏهاڪي جي ڀلوڙ اداڪارا ديويا ڀارتي جي دوست جا انڪشاف

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ جي اڻويهه سئو نوي وار ڏهاڪي جي ناليواري اداڪارا عائشا جهلڪا انڪشاف ڪيو آهي ته ساٿي اداڪارا ديويا ڀارتي جي موت کانپوءِ سندس لاءِ فلم جي ڊبنگ ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو هو.

پنهنجي هڪ تازي انٽرويو دوران عائشا جهلڪا پنهنجي شروعاتي دور ۾ ٻين اداڪارائن سان پنهنجي اختلافن ۽ دوستي جو ذڪر ڪيو.

هن ٻڌايو ته ان زماني ۾ سندس ساٿي اداڪارا ديويا ڀارتي سان گهڻي گهري دوستي هئي ۽ ديويا پنهنجي مڙس ساجد ناڊيا والا کي سفارش ڪري کيس اڻويهه سئو ٽيانوي جي فلم وقت همارا هي ۾ شامل ڪرايو هو.

ياد رهي ته ٻنهي اداڪارائن فلم رنگ ۾ گڏجي ڪم ڪيو هو، سورڳواسي اداڪارا ديويا ڀارتي جيڪا اڻويهه سئو ٽيانوي ۾ ممبئي ۾ واقع پنهنجي فليٽ جي بالڪوني مان پراسرار طور تي ڪرڻ کانپوءِ ديهانت ڪري وئي هئي. عائشا جهلڪا سندس بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته ڪهڙي ريت هو هڪٻئي جون شيون استعمال ڪنديون هيون.

ديويا کي ياد ڪندي هن ٻڌايو ته جڏهن سندس ديهانت جي خبر آئي ته مان افسوس ۽ صدمي جي ڪري بي وس ۽ چپ چاپ ٿي وئي هيس.

سندس چوڻ هو ته انکانپوءِ جڏهن فلم رنگ جي ڊبنگ ڪئي وئي ته ڪيترائي ڀيرا ان جي شوٽنگ روڪڻي پئي ڇو ته مون ۾ انکي مڪمل ڪرڻ جي سگهه نه هوندي هئي، مان رڳو روئندي رهندي هئس.

عائشا جهلڪا ٻڌايو ته اسان ٻنهي ۾ دوستي سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن ننڍي ننڍي ڳالهين تي جهيڙو به ٿي پوندو هو ته ڊاريڪٽر ۽ پروڊيوسر کي دانهن ڏينديون هيون سين. پر مان ديويا جي مداح هيس ۽ اها به منهنجي باري ۾ ئي اهڙا جذبا رکندي هئي.

هن ٻڌايو ته هوءَ چوندي هئي ته هوءَ مونسان پيار ڪندي آهي، اسان هڪ ته پاڙيسري هئاسين ٻيو پاڻ ۾ هڪٻئي جي تمام گهڻو ويجهو هئاسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.