دنيا جي پهرين اڏڻ واري موٽرسائيڪل تيار

دنيا جي پهرين اڏرڻ واري موٽرسائيڪل متعارف ڪئي وئي آهي  جنهن کي اسٽاروارز کان متاثر ٿيڻ بعد تيار ڪيو ويو آهي

جاپاني ڪمپني ايئر ونز ٽيڪنالوجيز پاران تازو اڏڻ واري فلائنگ بائيڪ کي تيار ڪيو ويو آهي

ان موٽرسائيڪل کي ڊيٽرائٽ آٽو شو جي موقع تي آمريڪا ۾ متعارف ڪيو ويو.

اها هوور بائيڪ چاليهه منٽ تائين ٻاهٺ ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏي سگهي ٿي

آٽو شو جي انتظاميا ۾ شامل ٿيڊ زاٽ چيو ته بائيڪ تي اڏڻ وقت محسوس ٿيئي ٿو ته ماڻهو جي عمر گهٽجي پندرنهن وريهه ٿي وئي آهي جڏهن ته اسٽار وارز تي هجڻ جو به احساس ٿئي ٿو. هي پهريون شخص آهي جنهن آٽو شو دوران موٽرسائيڪل تي اڏي سفر ڪيو

هن وڌيڪ چيو ته اها زبردست ڳالهه آهي، هن کي هلائيندي حيراني ٿي ۽ کيس محسوس ٿيو ته هو ننڍو ٻار آهي

اها موٽر سائيڪل جاپان ۾ وڪري لاءِ پيش ٿي چڪي آهي.

ڪمپني جي سي اي او چيو ته هڪ ورزن کي آمريڪا ۾ 2023 ۾ وڪري لاءِ تيار آهي

ان موٽر سائيڪل جو اگهه ست لک ستر هزار ڊالرز آهي جڏهن ته هڪ ننڍي اليڪٽرڪ ماڊل کي 2025 تائين تيار ڪرڻ جي رٿابندي هلي ٿي جنهن جو اگهه پنجاهه هزار ڊالرز ٿي سگهي ٿو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.