جروار لڳ نوجوان کان ڦر ، مزاحمت تي تشدد، زخمي، احتجاج

جروار  ( ن ع آ ) جروار لڳ ڳوٺ حاصل فقير بوزدار جي رھواسي سائين بخش بوذدار جروار پريس ڪلب پھچي گھوٽڪي پوليس خلاف  احتجاج رڪارڊ ڪرايو ،متاثر نوجوان دانھيندي ٻڌايو آھي ته چار ڏينھن پھريان مون کان گھوٽڪي مان اڍائي لک ڦر ڪيا ويا ھئا، مون ڦر دوران مزاحمت به ڪئي ھئي پر ھٿياربندن مون تي تشدد ڪري منھنجي ٻانھن ڀڃي مون کي زخمي ڪري وڌو ،بيھوشي واري حالت ۾ شھرين مون کي سول اسپتال گھوٽڪي پھچايو ،جڏھن ته مون اين سي به ڦر جي داخل ڪرائي آھي ۽ جوابدارن جا مون نالا به پوليس کي  ڏنا آھن،  پر گھوٽڪي پوليس تدارڪ نه ٿي ڪري ھنن وڌيڪ ٻڌايو آھي ته جوابدارن جو تعلق شيخ برادري سان آھي جن کي بااثرن جي آشيرواد مليل آھي تنھن ڪري پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ  کان لنوائي رھي آھي واضع رھي ته متاثر نوجوان گھوٽڪي جي ھڪ برف ڪارخاني تي منشي مقرر ٿيل ھو ،  ڊي آءِ  جي سکر  ڦر ٿيل پئسا واپس ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.