عينڪ پائڻ سان عقل گهٽ هجڻ جو ڪهڙو واسطو؟

گهڻن ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته عينڪ پهري ذهين نظر ايندا آهن جڏهن ته تحقيق ۾ سامهون آيو آهي ته عينڪ پائڻ وارا گهٽ پرڪشش، گهٽ ذهين ۽ اعتماد جي کوٽ جو شڪار نظر ايندا آهن

جورڊن يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ پنج سو سترنهن نوجوانن کي شامل ڪيو ويو جنهن مان 33.1 سيڪڙو عينڪ پهرڻ جا عادي هيا ۽ ٻيا عينڪ کان پري رهندا هيا

انهن ماڻهن کي چئن ماڻهن جي عينڪ واري ۽ عينڪ کانسواءِ تصويرون ڏيکاريون ويون ۽ انهن کان پڇيو ويو ته عينڪ ۽ ان کانسواءِ اهي ماڻهو ڪيترا سٺا، اعتماد جوڳا يا ذهين نظر ايندا آهن

نتيجن مان ثابت ٿيو ته عينڪ جو استعمال نه ڪندڙ ماڻهن کي وڌيڪ ذهين، سٺو ۽ اعتماد جوڳو مڃيو ويو آهي جڏهن ته جيڪي ماڻهو عينڪ پهرڻ جا عادي هيا انهن عينڪ وارين تصويرن کي وڌيڪ اسڪور ڏنو

ماهرن چيو ته گهٽ نظر سبب عينڪ جواستعمال سماجي ۽ ذاتي شخصيت تي اثر ڇڏيندو آهي جنهن بابت ڄاڻڻ ضروري آهي

ان کان اڳ تحقيقي رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو هو ته اولهه وارن ملڪن ۾ ماڻهو عينڪ جي استعمال کي ذهانت سان ڳنڍيندا آهن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.