ڀارتي ڪاميڊين راجو شري واستو جي حالت ڳڻتي جوڳي، دماغي طور مئل قرار

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪاميڊين ۽ اداڪار راجو شري واستو جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي ۽ ڊاڪٽرن کيس دماغي طور مئل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب راجو جي چيف ايڊوائيزر اجيت سڪسينا نئين دهلي جي آل انڊيا انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته راجو جي طبيعت اربع جي ڏينهن وري ٻيهر خراب ٿي وئي هئي ۽ ڊاڪٽرن اسانکي ٻڌايو آهي ته سندس دماغ تقريبن مري چڪو آهي جڏهن ته دل به صحيح نموني ڪم نٿي ڪري.

سندس چوڻ هو ته ڪاميڊين جو خاندان ۽ ٽيم هاڻي ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ آهن.

انکانسواءِ ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي راجو شري واستو جي مينيجر مقبول ٻڌايو ته راجو شري واستو هاڻي وينٽيليٽر تي آهي ۽ کيس هن وقت تائين هوش ناهي آيو.

واضح رهي ته گذريل اربع جي ڏينهن راجو شري واستو کي جِم ۾ ايڪسرسائيز ڪندي دل جو دورو پئجي ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.