شاهه محمود قريشي ڌيءَ مهربانو کي اميدوار نامزد ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

 

ملتان (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي اين اي 157 تان پنهنجي ڌيءَ کي اميدوار نامزد ڪرڻ تي تنقيد جو جواب ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن پارٽي وٽ موسيٰ گيلاني جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪو بهتر اميدوار هجي ها ته اهو قدم ڪڏهن نه کڻان ها.

ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته مون کي ڪارڪنن جي جذبن جو احترام آهي، مان ايمانداري سان پارٽي جي مفاد ۾ اهو فيصلو ڪيو.

هن چيو ته مان اهو قدم شوق سان ناهي کنيو، رڳو عمران خان جي بيانيي کي زندهه ڪرڻ لاءِ ڏکيو فيصلو ڪيو آهي، مان دوستن سان رابطو ڪري حالتن کان آگاهه ڪندس ۽ جڏهن حقيقتون سامهون اينديون ته سڀ عمران خان جي ٽڪيٽ جو احترام ڪندا.

واضح رهي ته اها سيٽ شاهه محمود قريشي جي پٽ زين قريشي خالي ڪئي هئي، جنهن پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 217 تان چونڊ وڙهي هئي ۽ ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ اميدوار سلمان نعيم کي شڪست ڏني هئي.

اين اي 157 جي ننڍي چونڊ لاءِ مهر بانو قريشي، يوسف رضا گيلاني جي پٽ سيد علي موسيٰ گيلاني سميت 18 کان وڌيڪ اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا.

شاهه محمود قريشي جي ڌيءَ مهر بانو کي ٽڪيٽ ملڻ تي تحريڪ انصاف ڪارڪنن جي وڏي انگ خانداني سياست کي هٿي ڏيڻ جو الزام هڻندي ملتان ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.