انڊين فلم ويب سيريز ”هيرا منڊي“ نيٽ فلڪس تي رڪارڊ ٺاهي ورتا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري ڊائريڪٽر سنجي ليلا ڀنسالي جي نئين ويب سيريز هيرا منڊي نيٽ فلڪس تي رڪارڊ ٺاهي ورتا آهن.
هڪ مئي تي نيٽ فلڪس جي زينت بڻجندڙ ويب سيريز پنهنجي پهرئين هفتي ۾ ئي سڀ کان وڌيڪ ويوز حاصل ڪندڙ ويب سيريز بڻجي وئي آهي.
ورهاڳي کان اڳ واري ماحول تي ٺهيل فلم کي ويب سيريز تي پنجاهه لک ماڻهو ڏسي چڪا آهن ۽ اها دنيا جي 43 ملڪن ۾ ٽاپ ٽين ۾ ٽرينڊ ڪري رهي آهي.
انڊين پروگرامن ۾پهرئين نمبر تي دي گريٽ انڊين ڪپل شرما شو آهي جنهن پنهنجي پهرئين هفتي ۾ 2 ڪروڙ ويوز حاصل ڪيا آهن.
هيرا منڊي ۾ منيشا ڪوئرالا، سونا ڪشي سنها، اديتي رائو، رچا چڍا، شارمين سهيگل ۽ سنجيدا شيخ ڪردار ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.