ڪراچي ۾ عورت اسسٽنٽ ڪمشنر کان ڏينهن ڏٺي جو ڦر

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي بهادر آباد ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر فيروز آباد اسما بتول کان هٿيارن جي زور تي ڦر ڪئي وئي.

پوليس موجب اسسٽنٽ ڪمشنر فيروز آباد اسما بتول فيملي سان گڏ نيرن ڪرڻ آئي هئي ته واپسي تي جوابدار هٿيارن جي زور تي کانئس موبائل فون ۽ پئسا کسي فرار ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي وقت اسسٽنٽ ڪمشنر اسما بتول سان سيڪيورٽي اهلڪار موجود نه هئا، واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
1 Comment
  1. ڊاڪٽر علي بروهي says

    آھو ڪنهن ڪرايو آھي، راجا رياض يا عمردراز ؟عمران خان يا عمران رياض، شھباز شريف يا بيمار بدمعاش، حمزھ ڪڪڙي يا ٽيٽ مڪڙي، ”ٽي ٽي پي“ يا ”پي پي ٽي“، ”محمود مفتئَ جو پٽ نامولا فضل الرحمٰن“ يا ”شيطان الرجيم ابن شيطان اَّلعين“، ”علامه سعد رضوي ابن علام مرحوم خادم رضوي“، ”سيد مراد علي شآھ يا سيد قائم علي شآھ،“ ”حامد مير
    يا بھاول بي پــيـر“، ”سليم صافي يا سڪندر صوفي“ ڪنهن نه ڪنهن ته ڪيو. ملڪ ۾ امن امان لڳو پيو آھي، پوليس جا اعلرٰ آفيسر ڏينهن ڏٺي جو پيا ڦرجن، ڪڃريون پيون ڪسجن ۽ ٻڪريون پيون نچن، هر هنڌ رڍون ٻوٿ ڪاريون. هر ڪوئي آپي خان لڳو پيو آھي جنهن کي جيڪو وڻي سو ڪري. ٽڪي سير ڀاڄي ۽ ٽڪي (سير) ڪلو کاڄا، آجا باجا ۽ وري ڇاجا؟؟؟؟

Leave A Reply

Your email address will not be published.