عدالتي فيصلو، حمزا شهباز ۽ دوست مزاري وڏو قدم کڻي ورتو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز ۽ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري عدالتي فيصلي تي نظرثاني درخواستون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب نظرثاني درخواستن ۾ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي فيصلي ۽ فل ڪورٽ جوڙڻ جي اپيل رد ڪرڻ جي حڪم نامي کي چئلينج ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نظرثاني درخواستون ايندڙ هفتي داخل ڪرائڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ تي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف درخواست جي ڪيس ۾ فل ڪورٽ ٺاهڻ جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون هيون.

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني خاص بئنچ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ واري ڪيس ۾ پرويز الاهي جي درخواست منظور ڪندي دوست مزاري جي رولنگ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي هئي.

عدالت عظميٰ فيصلي ۾ چيو هو ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو ڪو قانوني جواز ناهي، پنجاب ڪابينا به ڪالعدم قرار ڏني وڃي ٿي، حمزا شهباز ۽ ان جي ڪابينا فوري طور تي عهدا ڇڏي ڏئي، پرويز الاهي کان وڏي وزير جو حلف ورتو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.