گينگ ريپ ۽ ٻارڙن سان زيادتي ايڪٽ تي عمل نه ٿيڻ تي جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ گينگ ريپ ۽ ٻارڙن سان جنسي زيادتي جي واقعن بابت اينٽي ريپ ٽرائل اينڊ انوسٽيگيشن ايڪٽ 2021ع تي عمل ڪرڻ جي حوالي سان ڪيس جي فوري ٻڌڻي جي درخواست تي عدالت پرنسپل سيڪريٽري وزير اعظم، وفاقي سيڪريٽري قانون، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي نادرا سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري 16آگسٽ جو جواب طلب ڪري ورتو آهي، عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ پوليس سميت ٻيا جواب جمع ڪرائين، ايڊووڪيٽ طارق منصور جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ افسوسناڪ واقعا ٿي رهيا آهن .گينگ ريپ ٽرائل جي لاءِ قانون ٺاهيو آهي پر ان تي عمل نه ٿي رهيو آهي، قانون ته عمل نه ڪرڻ تي جنسي زيادتي ڪيس ۾ اضافو ٿي رهيو آهي .واقعن جي روڪڻ جي لاءِ صاف شفاف ٽرائل يقيني ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.