بلوچستان ۾ وڌيڪ 4 ماڻهو فوت، لسٻيلو وڌيڪ متاثر،هزارين ماڻهو کليل آسمان هيٺ ويٺل

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) پي ڊي ايم اي بلوچستان ۾  برساتن ۽ ٻوڏ نقصانن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڌيڪ 4 ماڻهو فوت ٿي ويا، فوتين جو انگ 170 ٿي ويو، رپورٽ مطابق فوتين ۾ 55 ٻار ۽ 43  عورتون به شامل آهن، جڏهن ته سڄي بلوچستان ۾ 15 هزار 337 گهرن کي نقصان پهتو آهي، پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته برساتن ۾ 670 ڪلوميٽرن تي مشتمل مختلف 6 شاهراهون شديد متاثر ٿيون آهن، اڳوڻي وڏي وزير ڄام ڪمال خان دعويٰ ڪئي آهي ته بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال کان سڀ کان وڌيڪ لسٻيلو ضلعو متاثر ٿيو آهي جتي حب کان ٻيلي تائين 3 کان چار وڏيون پليون ٽٽي ويون آهن، هن چيو ته اسان هيل تائين ڪجهه تعلقن تائين نه پهچي سگهياسين، لسٻيلي ۾ 20 هزار ٽينٽ به گهٽ پئي سگهن ٿا، مان جتي جتي ويو آهيان يا گهر ڪري پيا آهن يا رهڻ جي قابل ناهن، هن چيو ته وفاقي حڪومت هتان جو دورو ناهي ڪيو، شهيد ڪور ڪمانڊر مڪمل دورو ڪري ويو پر سياسي اڳواڻ نه اچي سگهيا، 10 ڏينهن کان لسٻيلي جو عوام ٻوڏ کان متاثر آهي، وزيراعظم کي اپيل آهي ته هنگامي بنيادن تي ڪم جي ضرورت آهي ٻئي پاسي ڪوسٽل هاءِ وي ۽ آر سي ڊي هاءِ وي جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مقامي ماڻهو، پاڪ فوج ۽ سول انتظاميا شامل آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.