خيرپور ۽ ڀرپاسي گيسٽرو ۾ واڌ، 91 ٻارڙا اسپتال ۾ داخل

خيرپور(رپورٽ : مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ۾ گيسٽرو جو مرض تيزي سان پکڙجڻ لڳو، 24 ڪلاڪن اندر خيرپور ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن جا گيسٽرو ۾ مبتلا وڌيڪ 91 ٻارڙا سٽي اسپتال خيرپور داخل، بيڊن جي کوٽ برقرار، وارثن ۽ عملي کي ڏکيائيون درپيش ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 24 ڪلاڪن اندر گيسٽرو جي مرض سبب سٽي اسپتال ۾ داخل ڪيل ٻارڙن ۾ زرينه،فائزه، سپنا، افضل، محمد سوڍل، ڪريم، دعا بتول، سميرا، رينا، رياض علي، عبدالله ۽ ٻيا شامل آهن گيسٽرو سبب وڏي انگ ۾ ٻارڙن کي اسپتال داخل ڪرڻ سبب اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ برقرار آهي جنهن سبب ٻارڙن جا وارث ۽ اسپتال عملو ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي اسپتال داخل ڪيل ٻارڙن جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ بهتر نموني سان صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ڪري مکين جو آزار وڌي ويو آهي اسپتال ۾ سرڪاري دوائون ڏيڻ بدران پرائيويٽ اسٽورن جون دوائون لکي ڏنيون وڃن ٿيون صفائي سٿرائي جا جوڳا انتظام ڪرڻ سان گڏ سرڪاري دوائون فراهم ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.