سنڌ ۾ گيسٽرو جو مرض وڌڻ تي ڳڻتي آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مرڪزي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ  ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ ستار رند پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ سنڌ ۾ وڌندڙ گيسٽرو جي مرض سبب سوين ماڻهن جي فوتگين تي انتهائي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ گيسٽرو ۽ ٻيون موتمار بيماريون ميونسپل ڪميٽي انتظاميا جي ڪرپشن سبب وڌيون آهن. نالن جي صفائي ۽ روڊن جي مرمت لاءِ آيل پئسا پيپلز پارٽي کي بلدياتي اليڪشن کٽرائڻ ۽ پنجاب جي اليڪشن ۾ ميمبرن جي خريد ۽ فروخت ۾ استعمال ڪيا ويا جنهن سبب سنڌ جا سمورا شهر گٽر نالا ۽ گند جا ڍير بڻجي ويا ۽ شهرن توڙي ڳوٺن ۾ وبائي بيمارين جو راڄ قائم ٿي ويو آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته هڪ طرف سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب برساتن ئي ماڻهن کي موتمار بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي ته ٻي طرف وري بلوچستان کان ايندڙ نئين جو پاڻي حمل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ بدران قمبر_شهداد ڪوٽ ۽ دادو جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڇوڙ ڪري لکين ماڻهن کي ٻوڙائي مارڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. حمل ڍنڍ جي زمين تي وڏيرن قبضا ڪري مڇين جا تلاءَ ٺهرائي ڇڏيا آهن، هاڻي انهن تلائن کي بچائڻ لاءِ ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙي عوام مٿان هٿرادو عذاب نازل ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.