ترت مدد نه ٿي بلوچستان ۾ انساني الميو جنم وٺي سگھي ٿو

ھلندڙ چوماسي جي برساتن ۾ سڀني کان وڌيڪ بلوچستان جو صوبو متاثر ٿيو آھي،بلوچستان ملڪ جو ايراضي جي لحاظ سان سڀني کان وڏو ۽ ترقي جي نسبت کان سڀني کان پوئتي پيل صوبو آھي،ھتي جي ماڻھن جو چوڻ آھي تھ ھنن سان ھر دور ۾ ظلم ۽ زيادتي ٿيندي رھي ٿي،وقت ٻين جي لاءِ تھ بدلجندو ھوندو پر بلوچستان جي عام ماڻھو  جي زندگيءَ ۾ ڪو ڦيرو نٿو اچي،تنھنڪري ھن خطي جي ماڻھن جي حالت ”ڏکي تو ڏڪار توڙي وسن مينھڙا“واري آھي. بلوچستان قدرتي آفتن کي منهن ڏيندو رھيو آهي پر ان دوران عوام کي وڏو جاني توڻي مالي نقصان سھڻو پوي ٿو.جنھن ۾ اختيارين جو بھ ڏوھھ بھ آھي.چوماسيءَ جون تازيون برساتون ان جو وڏو مثال آهن.جيتوڻيڪ ھلندڙ برسات سموري ملڪ کي متاثر ڪيو آھي،جنھن  پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بھ رواجي زندگي معطل ٿي وئي آھي پر بلوچستان ۾ برسات بعد ٻوڏ وري ان مٿان سرڪاري اختيارين جي بي ڌيانيءَ ھتي وڏو انساني الميو پيدا ڪري ڇڏيو آھي.

پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موجب پهرين جون کان برساتن سبب مختلف حادثن ۾ 45 مرد، 31 عورتون ۽ 35 ٻارن سميت 111 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا آھن پر صوبي جي جاگرافي بيھڪ بابت علم رکندڙ انھن انگن اکرن کي رد دڪندي چون ٿا تھ تباھي ان کان تمام گھڻي ٿي آھي.ڇاڪاڻ جو ھن ڀيري برساتن جي شدت ويجھڙائي وارا پراڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن.

پي ڊي ايم اي موجب 11 هزار 775 گهرن کي نقصان پهتو آهي، جن مان 8 هزار 874 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته 2 هزار 901 گهر مڪمل ڪري ختم ٿي ويا آهن.565 ڪلوميٽر هاءِ ويز ۽ 9 لنڪ پليون پاڻي ۾ ٻڏي ويون،نتيجي ۾ بلوچستان جو ٻين صوبن کان رابطو ڪٽجي ويو آھي نھ رڳو اھو بلڪھ ھن صوبي جي ڪيترن ئي شھرن جو بلوچستان جي ٻين شھرن توڻي علائقن سان بھ رابطا ممڪن نھ رھيو آھي.سمورو مواصلاتي سرشتو ناس ٿي ويو آھي،لينڊلائن فون،انٽرنيٽ ۽ موبائل ڪم نٿا ڪن،ڇاڪاڻ جو بجلي،ٽليفون جي ٿنڀا۽موبائل نيٽ ويڪ کي ھلائندڙ ٽاور بھ ڊھي ڪري پيا آھن،تاحال ايندڙ اڻ تصديق ٿيل اطلاعن موجب 24 ھزار ڍور،جانور لڙھي ويا يا مري ويا آھن ۽ ٻھ لک ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويا آھن.

بلوچستان جي چيف سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي جي ميڊيا کي ڏنل  بريفنگ موجب 16 ڊيمن کي نقصان پهتو آهي، 10 ضلعا برساتن سبب وڌيڪ متاثرآهن.جن ۾ انهن ۾ لسٻيلو، ڪيچ، ڪوهلو ۽ هرنائي سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙن ۾شامل آهن.

دريائن ۾ ٻوڏ اچڻ ڪري ڪوئيٽا جا هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا،ساحلي علائقن لسٻيلي ۽ اوٿل ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي ٿي. 25 جولاءِ وارين برساتن سبب ڪر ي ٻوڏ اچي وئي ۽  لسٻيلي جي گڊاني وٽ ڪوئيٽا۽ڪراچي روڊ تي باگڙي درياءَ واري  پل ٻڏي وئي،جنھن ڪري اتي ٻنھي پاسي ھزارين گاڏيون ڦاٿيون پيون آھن،مسافر پريشان حال آھن،ڇھن ڏينھن گذرڻ باوجود سرڪار ھنن جي سار لھڻ يا مدد ڪرڻ ۾ ڪامياب نھ ٿي آھي.

چيف سيڪريٽري بلوچستان عبدالعزيز عقيلي موجب برساتن گذريل 30 سالن  جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي ۽ هن سال 500 سيڪڙو وڌيڪ برساتون وسيون آهن جنهن سبب حڪومت جي مشڪلات وڌي وئي آهي. سندس دعويٰ آھي تھ ٻوڏ ۾ ڦاٿل 17 هزار ماڻهن کي بچايو ويو آهي.۽ وڌيڪ هزار ماڻهن کي بچائڻ لاءِ آپريشن جاري آهي، پر هو اهو ٻڌائڻ ۾ ناڪام ٿيو تھ ڪيترا ماڻهو مدد لاءِ منتظر آهن، انهن کي ڪڏهن ۽ ڪيستائين رسڪيو ڪري وٺبو.

چيف سيڪريٽري صوبي قلم 144 لاڳو ڪري عوام کي اپيل ڪئي ته  10 ڏينهن تائين غير ضروري سفر کان پاسو ڪيو وڃي.جڏھن تھ صوبي جي قدرتي آفتن کي منھن ڏيڻ واري کاتي (پي ڊي ايم اي) جي  دعويٰ  آھي  ته کاتي پهرين جون کان متاثر علائقن ۾ 11875 خيما، 8130 ڪمبل، 7600 واٽر ڪولر، 5700 گيس سلينڊر  ۽ 16287 کاڌي پيتي جو سامان ورهايو آهي.

هڪ اندازي موجب ھن وقت چاليھھ لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، سوين ڪچيون آباديون ۽ ڳوٺ ٻڏي ويا آهن،گھڻائي ضلعا گذريل ڇھن ڏينهن کان بجلي کان محروم آهن، هارين جا باغ ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن.ھزارين ماڻھون ٻوڏ واري پاڻي ۾ ڦاٿل آھن،مواصلاتي رابطن ڪٽجي وڃڻ سان جيڪي ڪنھن حد تائين بھتر حالت ۾ آھن انھن وٽ بھ روزمرھ جو سامان سرڙو ختم ٿي ويو آھي ڇاڪاڻ جو شين ۽ سامان جي سپلاءِ بلڪل معطل ٿي وئي آھي.

بلوچستان جو علائقو مختلف جابلو سلسلن ۾ گھيريل ھئڻ ڪري برسات ۾ مٿيون پاڻي ھيٺ لھي ٿو ۽ ھيٺين آبادي کي ٻوڙي ٿو ڇڏي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي ذخيري جي مقصد سان ڊيم ٺھيل آھن جيڪي ھن ڀيري ڀرجڻ ۽ پاڻي جي طاقت جي سٽ نھ سھڻ ڪري ٽٽي پيا آھن جنھن سان ڪافي تباھي آئي آھي.

ھن وقت جي ميڊيا جي پاران ڏنل معلومات موجب ھزارين ماڻھون جن ۾ ٻار ۽ عورتن جو وڏو انگ آھي،ٻوڏ واري پاڻي ۾ ڦاٿل آھن،ڪنھن بھ سرڪاري ادار وٽ ھن وقت تائين جي ٿيل تباھي ۽ ڦاٿل ماڻھن جو ڪو بھ اندازو نھ آھي.

ٻئي پاسي ڏکوئيندڙ صورت ھي آھي تھ ملڪ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ سبب ميڊيا تي بلوچستان جي ماڻھن جا ڏک سور توڻي صوبي جي تباھي جي ڀيٽ ۾ سياسي معاملن کي گھڻي جڳھھ ڏني پئي وڃي.

نھ رڳو ايترو پر بلوچستان سرڪار جي نمائندا بھ سياسي بحران تي گھڻو ڌيان ڏئي رھيا آھن ۽ عوام ٻوڏ ۾ ڦاٿو پيو آھي.

بلوچستان ۾ ٿيندڙ تباھي ۽ برسات جي ڪري جنم وٺندڙ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻھن کي بچائڻ جي لاءِ،ھنن کي رسڪيو ڪرڻ يا ھنن جي عارضي رھڻ ،خوارڪ جي بندوبست بابت سرڪار ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڪوشش اٽي ۾ لوڻ برابر ڏسڻ ۾ اچي رھي آھي،اھڙي روش جاري رھي تھ ھن علائقي ۾جلد ئي ڪو وڏو انساني اليمو جنم وٺي سگھي ٿو، بيماريون پڻ جنم وٺي سگھن ٿيون،وفاقي توڙي صوبائي سرڪار توڻي عالمي امدادي ادارن کي اپيل ڪجي ٿي تھ ھن ايمرجنسي صورتحال کي تسليم ڪندي ھنن ماڻھن جي انساني بنيادن تي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.