ججن جي نامزدگي  رد ٿيڻ واري اڪثريتي فيصلي سان گڏ بيٺل آهيون: وڪيل

اسلام آباد ( م ڊ ) اعليٰ عدليا ۾ ججز جي مقررين واري معاملي تي سپريم ڪورٽ بار، پاڪستان بار ڪائونسل سميت مختلف بار ايسوسيئيشن گڏيل پڌرائي جاري ڪئي آهي. پڌرائي موجب اعليٰ عدليا ۾ پنج ججن جي نامزدگي  رد ٿيڻ واري اڪثريتي فيصلي سان گڏ بيٺل آهيون. گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته قانون واري وزير، اٽارني جنرل جڊيشل ڪميشن ۾ اصولي موقف اختيار ڪيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو سينيارٽي اصول تحت راءِ ڏيڻ ساراهه جوڳو عمل آهي. گڏيل پڌرائي موجب اعليٰ عدليا ۾ ججن جي مقرريون سينيارٽي اصول موجب ڪيون وڃن، سينيارٽي اصول جي خلاف مسلسل مقررين سبب عدليا جي ساک متاثر ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.