راڻا ثناءُ الله پنجاب ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، عدليه جا اختيار ريگوليٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي: وفاقي وزير

اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جيڪڏهن منهنجي پنجاب ۾ داخلا بند ٿي ته اها گورنر راڄ جي شروعات هوندي.اسلام آباد ۾ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان سياسي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي آهي، ڪالهه واري عدالتي فيصلي کانپوءِ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي جيڪو بحث ٿي رهيو آهي، اُها افسوس جوڳي صورتحال آهي، پر ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آهن، جن سان اهڙي گفتگو کي ڊيگهه ملندي آهي.هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو خط پڙهو، اهو خطرناڪ آهي، جيڪڏهن اهڙي فضا معتبر ادارن ۾ آهي ته اسان تباهي جي ڪناري تي بيٺا آهيون.هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن منهنجي پنجاب ۾ داخلا بند ٿيڻ بابت خبرون اچي رهيون آهن پر جيڪڏهن پنجاب ۾ منهنجي داخلا بند ٿي ته گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ گهڻائي جواز موجود آهن، گورنر راڄ جي سمري تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ گهرو وزير راڻاثناءُ الله جو چوڻ هو ته بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ ن ليگ جو فيصلو هو ته عام چونڊن ڏانهن وڃون، اتحادين سان صلاح مشوري بعد حڪومت ڪرڻ جو ڏکيو فيصلو ڪيو.راڻا ثناءُ الله چيو ته نواز شريف جلد ڏيهه واپس ايندو ۽ ن ليگ جي چونڊ مهم هلائيندو، هن چيو ته عدالتي فيصلي ملڪ جي سياسي صورتحال کي غيرمستحڪم ڪري ڇڏيو آهي، ان فيصلي سان معيشت عدم استحڪام جو شڪار ٿي آهي، هن چيو ته هڪ عزتدار، باوقار، غيرجانبدار ۽ غيرتڪراري عدليه هر معاشري جي بنيادي ضرورت آهي، اهو رڳو سياستدانن يا ن ليگ جو مسئلو ناهي اهو سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، هن چيو ته عدليه جا اختيار ريگيوليٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪو ان جا اختيار گهٽ ڪرڻ جي ڳالهه نٿو ڪري، هن چيو ته جيڪڏهن چيو وڃي ٿو چيف جسٽس پنهنجي برادر ججن مان 3 کان 5 جي مشوري ۽ مشاورت سان پاڻمرادو نوٽيس يا بئنچ جوڙڻ جا اختيار استعمال ڪري ته جيئن اهي بئنچ فڪسنگ جهڙا الزام نه لڳايا وڃن، هن چيو ته جسٽس قاضي جي خط جو متن ڏسو، اها ڳڻتي جي گهڙي آهي، جيڪڏهن اهڙي فضا معتبر ادارن ۾ آهي ته اسان تباهي جي ڪناري تي آهيون، هن چيو ته نوازشريف وطن واپس ايندو ۽ مسلم ليگ ن جي چونڊ مهم هلائيندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.