صحت : هاءِ بلڊ پريشر مريضن لاءِ سُٺي خبر، رڳو هي خوراڪ استعمال ڪيو

ڪوڪو پائوڊر جو استعمال بلڊ پريشر جي سطح ۽ رڳن جي سختي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي.

ڪوڪو ۾ موجود فليونولز بابت اڳوڻي تحقيقي رپورٽ ۾ دريافت ڪيو ويو هو ته هو بلڊ پريشر کي گهٽائڻ سان گڏوگڏ رڳن جي صحت لاءِ بلڊ پريشر دوائن جيترو ڪارائتو هوندا آهن.

برطانيا جي سري يونيورسٽي جي نئين تحقيق ۾ ان خيال کي ڊيگهه ملي آهي ته ڪوڪو کي بلڊ پريشر جي علامتن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

هي پنهنجي طرز جي پهرين تحقيق هئي جنهن ۾ ڪوڪو ۾ موجود فليونولز جي استعمال جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي هئي ۽ حقيقي دنيا ۾ بلڊ پريشر ۽ رڳن جي سختي گهٽائڻ لاءِ ان جي آزمائش ڪئي وئي.

طبي ماهرن موجب هاءِ بلڊ پريشر ۽ رڳن جي سختي ڪنهن ماڻهو ۾ دل جي بيماري ۽ فالج جو خطرو وڌائڻ وارا عنصر آهن، تنهن ڪري انهن مسئلن جي علاج لاءِ انوکا طريقا ڄاڻڻ ضروري آهي.

هن تحقيق ۾ 11 صحت مند رضاڪارن کي شامل ڪيو ويو هو جن کي ڪوڪو فليونولز جا 6 ڪيپسول يا پليسبو جا 6 ڪيپسول کارايا ويا.

رضاڪارن جي ٻانهن جي مٿيئن حصي جي بلڊ پريشر جا نمبر حاصل ڪيا ويا ۽ رڳن جي صحت جو جائزو ورتو ويو.

حاصل ٿيل نتيجن موجب ڪوڪو فليونولز جا ڪيپسول کائڻ وارن ۾ بلڊ پريشر ۽ رڳن جي سختي ۾ نمايان گهٽتائي آئي.

اهڙي نموني ڪوڪو کائڻ جي اٺ ڪلاڪن بعد هاڪاري اثرن کي دريافت ڪيو ويو.

طبي ماهرن جو اهو مڃڻ آهي ته ڪوڪو جو اهو ٻٽو اثر معدي ۾ موجود بيڪٽريا جو نتيجو هوندو آهي.

هن چيو ته ڪو ڪو ۾ موجود فليونولز اسان جي دل جي شريانن واري نظام تي هاڪاري اثر ڇڏيندا آهن خاص طور رت جي شريانن جي فعلن ۽ بلڊ پريشر تي.

سندن چوڻ هو ته اسان جيڪو نتيجو حاصل ڪيو آهي ان مان اهو اشارو ملي ٿو ته ڪوڪو فليونولز ذريعي بلڊ پريشر ان ئي وقت گهٽجي ويندو آهي جڏهن اهو وڌيل هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.