جمال شاهه ۽ ڀرپاسي گيسٽرو جا راڱا، هڪ نينگرفوت،7 ٻارڙا بيماري ۾ ورتل

جمال شاھه (ن ع آ)جمال شاھ ڀرسان ڳوٺ صاحب خان زرداري ۾ گئسٽرو پکڙجي وئي، گئسٽرو سبب 10 سالن جو  ممتاز علي پٽ خميسو زرداري فوت ٿي ويو، جڏهن ته 7 ٻارڙن سميت 3 ڄڻا گئسٽرو ۾ مبتلا آهن، جن ۾ 7 سالا رابيل زرداري، 8 سالا ليلا زرداري، 2 سالن جي آصفہ زرداري، 8 سالا نصير علي زرداري، 15 سالن جي زينب زرداري، 35 سالن جي سڀاڳي زرداري ۽ ٻيا شامل آھن، جيڪي غربت سبب بي يارو مددگار گھرن ۾ پيل آھن، کين پئسا نه هئڻ سبب سندن زندگيون داءُ تي لڳل آهن، رھواسين خميسو خان زرداري ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ برسات جي پاڻي سبب اچ وڃ جا رستا بند آھن، شھر ڏانھن بہ نہ ٿا وڃي سگھون، ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل ڳوٺ ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي گئسٽرو ۾ ورتل ٻارڙن ۽ وڏن جو علاج ڪرائي سندن جون حياتيون بچايون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.