اڏيري لال ۾ نينگر سان بدفعلي ڪندڙ پيش امام گرفتار

اڏيرولال(رپورٽ:سڪندر ساهووال): اڏيرولال اسٽيشن جي ريلوي پاڙي ۾ پيش امام خدا بخش ڇٽو پاران معصوم نينگر سان بدفعلي واري معاملي تي اڏيرولال اسٽيشن جو شعور جاڳي پيو، جن وحشي قسم جي مولوي جي گرفتاري لاءِ مسلسل احتجاج پڻ ڪيا هئا. وحشي جوابدار جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي مٽياري ملڪ ڪليم جي هدايتن تي اڏيرولال اسٽيشن پوليس جوابدار خدا بخش ڇٽو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڊي ايس پي کيبراڻي عبدالمجيد پٺاڻ ۽ ايس ايڇ او اڏيرولال اسٽيشن شاهزمان چانڊيو پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته جوابدار جي ڳولا لاءِ ٽيمون جوڙي بلوچستان تائين پڻ روانيون ڪيون ويون هيون. هنن چيو ته هڪ ڳجهي اطلاع تي پوليس اڏيرولال اسٽيشن لڳ چريا چوڪ وٽان جوابدار خدا بخش ڇٽو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار فرار ٿيڻ جي تياري ۾ هو ته پوليس موقعي تي پهچي کيس گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن اڏيرولال اسٽيشن جي سياسي سماجي اڳواڻن عرفان گلاب عمراڻي، محمد علي عرف لالا ساهووال، پي ٽي آئي اڳواڻ زبير قمبراڻي، نزاڪت ساهووال، پي ٽي آئي جي نعمان خلجي، غفار ساهووال، عامر ساهووال معصوم نينگر شاهزيب جسڪاڻي سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري جي خوشي ۾ ايس ايڇ او شاهزمان چانڊيو ۽ پوليس اهلڪار عرض زرداري کي اجرڪون پهرايون ويون ۽ سندن ورتل اپائن جي تعريف ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.