مائيڪل جانسن جي لاڏاڻي تي مهين جي دڙي سان تعزيت ڪجي ٿي

زرار پيرزادو

¨ جرمن ڄائي مُهين جي دڙي جي آرڪيالاجسٽ پروفيسر مائيڪل جانسن جي لاڏاڻي جي پهتل خبرن، سنڌ جي آرڪيالاجي سان محبت ڪندڙ حلقي کي گهري صدمي ۾ آڻي ڇڏيو آ.

¨ مائيڪل جانسن انهن پرڏيهي آرڪيالاجسٽن مان هڪ هو، جن مهين جي دڙي ۽ سنڌ جي ٻين قديم آثارن سان پنهنجي اولاد وانگر پيار ڪيو، پالڻا ۽ سنڀال پئي.

¨ ۽ ڇو نه ڪري. انهن قديم آثارن جي پرڏيهي ماهرن ئي ته مهين جي دڙي کي جنم ڏنو يعني دريافت ڪيو ۽ پوءِ سڄي ڄمار ان کنڊر جي تحفظ جا پئي جتن ڪيا.

¨ مائيڪل جانسن رڳو آرڪيالاجسٽ ئي نه پر هن علم جو اسڪالر به هو، پروفيسر به هو، يونيورسٽين ۾ پڙهائيندو به هو ۽ تحقيق ڪندو رهيو.

¨ مائيڪل جانسن هونئن ته مهين جي دڙي جي بچاءُ جي هر پراجيڪٽ جو سڌو يا اڻ سڌو حصو هوندو هو يا ماهر جي حيثيت ۾ صلاحڪار جي حيثيت ۾ رهيو پر مهين جي دڙي تي ڪم جي حوالي ۾ سندس انفراديت  به هئي.

¨ هن مهين جي دڙي جي کنڊر مان نڪتل شين کي انهن هنڌن سان لاڳاپڻ جي ڪوشش ڪئي جتان اهي مليا آهن، انهن جي نسبت ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي. مثال طور شين کي ڏسي اندازو ڪرڻ ته  هي ڪمرو رڌڻو هو يا سوناري جو دڪان هو وغيره وغيره، هڪ دوري ۾ ذاتي طور تي منهنجي پڇڻ تي ٻڌايو هيائين ته ڪنگ پريسٽ جو بوتو ڊي ڪي ايريا جي هن ڪمري جي هن ڪنڊ مان مليو هو ۽ ڊانسنگ گرل جي مورتي ايڇ آر ايريا جي هن ڪمري مان ملي هئي.

¨ تڏهن مون پنهنجن آرڪيالاجي جي دوستن کي چيو هو ته ڪيڏو نه سٺو لڳي جيڪڏهن انهن ڪمرن مان جتان ڪنگ پريسٽ ۽ ڊانسنگ گرل جا بوتا مليا آهن اتي نشاندهي جا ننڍڙا بورڊ نشان طور لڳايا وڃن.

¨ مان جڏهن اها معلومات انور صاحب کي تڏهن ٻڌائي ته هن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. انور صاحب به 1965ع ۾ آمريڪي آرڪيالاجسٽ جارج ايف ڊيلس سان مهين جي دڙي جي کوٽائي واري ڪم ۾ حصو ورتو هو تنهن کانپوءِ ئي هن جو مهين جي دڙي سان جذباتي لاڳاپو جڙيو هو.

¨ اهڙو جذباتي لاڳاپو مون مائيڪل جانسن ۾ به ڏٺو، جڏهن هو وقت به وقت مهين جي دڙي جي  تحقيق لاءِ ايندو هو ۽ ڪنهن آثار، ڀت يا نشان کي ڪرندي، ڊهندي جهرندي ڏسندو هو ته سندس منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويندو هو.

¨ ظاهرآهي ته کنڊر مان جيڪي آثار انهن پنهنجي محنت سان کوٽي ٻاهر ڪڍيا سي اسانجي ڏيهي ماهرن جي مجرماڻي غفلت يا ناقص ڪارڪردگي سبب ڌرتي جي مٿاڇري تان غائب پيا ٿين ته هن جي ئي هانو کي سَٽ پئي آئي جو هو مهين جي دڙي جو قدر ڄاڻيندو هو پر هاڻي وقت به وقت مهين جي دڙي جي سار لهڻ وارو ۽ ان جي تباهي تي پاڪستاني آرڪيالاجسٽن کي دڙڪا ڏيندڙ، احتجاج ڪندڙ مائيڪل جانسن ناهي رهيو …. هاڻي هو وري ڪڏهن به مهين جي دڙي نه ايندو.

¨ مهين جي دڙي جو کنڊر، مائيڪل جانسن جي لاڏاڻي تي اداس آهي، ڏکايل آهي، صدمي ۾ چور آهي ۽ ڄڻ هاڻي مڪمل طور تي يتيم ٿي ويو آهي. اسان مهين جي دڙي جي صدمي کي محسوس ڪري سگهون ٿا تنهنڪري ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيون ٿا.

¨ اڄ جڏهن سنڌ ۾ هر سال وانگر چئوماسي جون برساتون پئجي رهيون آهن ۽ رپورٽن موجب انهن برساتن جو مهين جي دڙي جي کنڊر کي شديد نقصان به رسيو آهي ته اهڙي سمي اسان کي مائيڪل جانسن جي ياد شدت سان ستائي رهي آهي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهو مائيڪل جانسن ئي ته هو جنهن چيو هو ته جيڪڏهن اوهان مُهين جي دڙي جي کنڊر کي بچائي نٿا سگهو ته اهو فخر جوڳو تهذيبي ورثو اسانکي هڪ سر، هڪ ڊالر عيوض ڀلا وڪڻي ڏيو. اها هئي مائيڪل جانسن جي مُهين جي دڙي سان انسيت!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.