بلوچستان ۾ عورت ڪارنهن الزام ۾ مرڻينگ، لاڙڪاڻي منتقل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) بلوچستان جي اوستا محمد ويجهو ڳوٺ علي حسن جي رهواسي ڳوٺاڻي گل حسن رند مبينا طور پنهنجي نوجوان ڀيڻ نجمه خاتون مٿان ڪارنهن جو الزام مڙهي کيس گوليون هڻي مرڻيگ ڪري ڇڏيو، جنهن کي سندس وارثن کڻائي لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو، جتي ناري کي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد فراهم ڪري سندس جي زندگي بچائي پئي وڃي. ٻي طرف ناري جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته گل حسن رند پنهنجي نوجوان ڀيڻ نجمه خاتون مٿان ڪارنهن جو الزام مڙهي کيس گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي، جنهن کي اسان کڻائي علاج لاءِ اسپتال آندو آهي، جنهن جو علاج هلندڙ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.