ايس يو پي آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي: ترجمان

ڪراچي (پ ر ) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي چونڊن ۾ افضل بٽ صدر ارشد انصاري جنرل سيڪريٽري نائب صدر جي سيٽن تي نعيم حنيف، خورشيد عباسي، سليم شاهد ۽ سيد بخاري شاهه، جڏهن ته لالا اسد کي خزانچي جي سيٽ تي چونڊجڻ تي چيئرمين سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سيد جلال محمود شاهه ۽ مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ۽ ترجمان خواجا نويد امين مبارڪباد ڏيندي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي نون چونڊيل عهديدارن لاءِنيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. ايس يو پي ميڊيا هائوس ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ هنن چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اظهار جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي. پنھنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ ھنن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جا نوان چونڊيل عهديدار صحافي برادري جي ڀلائي، ترقي ۽ ھنن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.