آصف زرداري تي الزام بي بنياد آهن: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب ۾ وڏي وزير جي چونڊ ۾ چوڌري شجاعت عمران خان جي اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، سنڌ هائوس ۽ آصف زرداري تي الزام بي بنياد آهن.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب پارٽي هيڊ فيصلو ڪري ته ان تي عمل ٿيندو، عمران خان جي اتحادين جي شڪايت هئي ته هو انهن جي ڳالهه نٿو ٻڌي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت هر صورت ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي، اوچتو سنڌ حڪومت جي مرضي جي ابتڙ فيصلو ٿيو، ڪراچي ۾ ايندڙ ميئر پ پ جو هوندو، فيصلو پارٽي ڪندي ته ڪير ميئر ٿيندو.

ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪندي برساتن جي اڳڪٿي جي سلسلي ۾ پاڻي نيڪال واري سسٽم جو جائزو ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.