عمران خان چونڊن ۾ فوج کي مداخلت جي دعوت پيو ڏئي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزير اطلاعات مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان فوج کي چئي رهيو آهي ته اليڪشن ۾ مداخلت  ڪري، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عمران خان کي خبر آهي ته هو ناڪام ٿي چڪو آهي، هن چئن سالن ۾ هر طرف تباهي مچائي، هن عوام کي تڪليف پهچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، پاڪستان جو عوام ووٽ جو استعمال عمران خان جي چار سالن جي ڪارڪردگي ڏسي ڪندو، هن چيو ته عمران خان پنهنجي تقرير ۾ ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو، عمران خان جي دور ۾ ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ سينسرشپ هئي، هن جي دور ۾ صحافين کي ڌمڪيون ڏنيون وينديون هيون، جيڪو اينڪر پسند نه اچي ان جا پروگرام بند ڪيا ويندا هئا، عمران خان کي مخاطب ٿيندي  هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي توهان کي آئين ٽوڙيندڙ قرار ڏنو آهي، توهان نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪيو ۽ نيب جي اداري کي مفلوج ڪيو، هو پنجاب ۽ ڪي پي جي ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ چاهي ٿو، فساد ۽ غنڊاگردي لاءِ خيبرپختونخوا مان ماڻهو موڪليا ويا، غنڊن ذريعي فساد جي ڪوشش ڪئي ته ذميوار عمران خان هوندو،

  • عاطف زمان، مريد عباس کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون: زارا عباس

ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت اينڪر مريد عباس جي قتل  ڪيس ۾ شاهدجو بيان قلمبند ڪري ڇڏيو آهي. عدالت وڌيڪ شاهدن کي 20 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو. سينٽرل جيل جي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ واقع ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ اينڪر مريد عباس قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي جي موقعي تي جيل پوليس جوابدار عاطف زمان کي عدالت ۾ پيش ڪيو.  درخواست گذار زارا عباس ۽ سندس والد به عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران ڪيس جي پهرين شاهد زارا عباس پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو. شاهد بيان ۾ چيو ته قاتل عاطف زمان کي مريد عباس کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو هو، مريد عباس عاطف زمان جي ڌمڪين کان پريشان هو. مريد عباس چيو ته عاطف زمان مونکي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ٻار کي وٺي والدين جي گهر وڃ. 03

  • عمران خان ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي: راڻا تنوير حسين

لاهور (م ڊ) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته عمران خان ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي،  هاڻي ڪهڙي منهن سان ننڍين چونڊن ۾ ووٽ گهري رهيو آهي، گذريل چئن سالن ۾ صرف سياسي مخالفن جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي، عوامي منصوبن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو، عوام هاڻي سجاڳ ٿي چڪو آهي، ان کي خبر آهي ته ڪنهن ملڪ ميگا پراجيڪٽس بڻايا ۽ ڪنهن ملڪ جو ڏيوالو بڻايو.

  • عالمي بئنڪ پاران پنجاب جي زرعي شعبي لاءِ 20 ڪروڙ ڊالر فنڊ جي منظوري

اسلام آباد (م ڊ) ورلڊ بئنڪ پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ ڪلائيميٽ سمارٽ ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ لاءِ 20 ڪروڙ ڊالر جي فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو مقصد ننڍن آبادگارن جي آمدني ۾ اضافو، پاڻي جي بهتر استعمال، شديد موسم جو مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻائڻ آهي.گذريل ڏينهن جاري بيان موجب ورلڊ بئنڪ جي بورڊ آف ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر  20 ڪروڙ ڊالر جي فنانسنگ جي منظوري ڏني،  پنجاب جو زرعي شعبو پاڪستاني معيشت جو مرڪز آهي ۽ ٽوٽل پيداوار جو 73 سيڪڙو هتان کان حاصل ٿيندو آهي. پنجاب ريزيليئنٽ ۽ انڪلوسيو ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پراجيڪٽ ننڍن آبادگارن لاءِ پاڻي تائين موثر ۽ برابر پهچ جي ذريعي زرعي پيداوار ۾ اضافو ڪندو. اها امداد ڪميونٽي ۽ گهريلو سطح تي آبادگارن کي موسمياتي سمارٽ فارمننگ جي طريقن ۽ ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي جيڪا فصلن جي پيداوار بهتر بڻائڻ ۽ پاڻي جي وسيلن کي محفوظ رکڻ ۾ مددگار ٿيندي. پراجيڪٽ جي ٽاسڪ ٽيم ليڊر چيو ته اهو منصوبو آبادگارن کي جديد موسمياتي سمارٽ ٽيڪنالاجيز لاڳو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو ته جيئن پنجاب حڪومت کي زرعي شعبي کي تبديل ڪري وڏي پئماني تي معاشي مدد حاصل ٿي سگهيان منصوبي سان ٻهراڙي جي علائقن ۾ تقريبن هڪ لک 90 هزار ننڍن آبادگارن ۽ 14 لک ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.