ايپل جو نئين ۽ انوکي ڊوائيس متعارف ڪرائڻ جو امڪان

ايپل کي آءِ فونز، آءِ پيڊز ۽ ميڪ ڪمپيوٽر ڊوائيسز جي لاءِ سڃاتو ويندو آهي پر هاڻي هي ڪمپني هڪ نئين ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ڊوائيس کي پيش ڪرڻ واري آهي.

ايپل پاران اگيومينٽ رئيلٽي(اي آر) ۽ ورچوئل رئيلٽي (وي آر) ٽيڪانالاجي تي ٻڌل پهريون هيڊ سيٽ جنوري 2023 ۾ معتارف ڪرائي سگھجي ٿو.

ايپل ڊوائيسز جي حوالي سان تفصيل ٻڌائيندڙ تجزيڪار منگچي ڪيو ٻڌايو ته هي اي آر/وي آر هيڊ سيٽ ايپل جي ڊزائن ڪيل سڀ کان پيچيدا پراڊڪٽ هوندي.

ايپل پاران هن شعبي ۾ ٻين ڪمپنين جيئن ميٽا(فيس بڪ ڪمپني جو نئون نالو) کي منهن ڏنو ويندو.

چي منگ ڪيو ٻڌايو ته هن نئين شعبي ۾ حريف ڪمپنيون کي منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ ڪمپني کي لاڳاپيل سروسز ۽ ٻين شعب کي به بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.

ايپل پاران ان رپورٽ تي ڪو بيان جاري ناهي ڪيو ويو.

ايپل جي سي اي اوٽم ڪڪ تازو ئي هڪ بيان ۾ اي آر ٽيڪنالاجي جي حوالي سان پنهنجي جوش ۽ جذبي جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته ٽيڪنالاجي انڊسٽري ان نئين ٽيڪنالاجي جي حوالي سان به شروعاتي مرحلن مان گذري رهي آهي ۽ اسان کي ان ۾ گھڻا وڌيڪ موقعا نظر اچي رهيا آهن.

هن جو چوڻ هو ته توهان انتظار ڪريو ۽ ڏسو اسان ان حوالي سان توهان کي ڇا پيش ڪريون ٿا.

اڳوڻي ليڪس موجب ايپل پاران ان هيڊ سيٽ لاءِ آپريٽنگ سسٽم جي تياري تي به ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي.

هي هيڊ سيٽ اگيومينٽ ۽ ورچوئل رئيلٽي ٽيڪانالاجي جي گڏائڻ تي ٻڌل هوندو ۽ هي 2015 ۾ ايپل واچ کانپوءِ آمريڪي ڪمپني جي پهرين نئين ٽيڪنالاجي ڊوائيس هوندي.

ايندڙ سالن ۾ هن کي آءِ فون جو متبادل بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

تجزيڪارن موجب ايپل جو مقصد 10 سال اي آر ٽيڪنالاجي کي آءِ فون جي جاءِ ڏيڻ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.