فيٽف تي قانوسازي اسان ڪئي، حڪومت ڇا جو ڪريڊٽ کڻي رهي آهي: شاهه محمود

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته فيٽف بابت قانونسازي اسان ڪئي حڪومت ڪهڙي ڳالهه جو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

هڪ بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته جڏهن سان فيٽف تي قانونسازي ڪري رهيا هئاسين ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ پاسي تي هيون، اسان ٻنهي کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن اين آر او ٽو جو گهر ڪئي، ٻنهي پارٽين شرط رکيو  ته نيب ڪيسز ۾ رليف ملندو ته ساٿ ڏينداسين.

هن چيو ته فيٽف جي حوالي سان ايڪشن پلان کان وٺي ان جي رٿابندي تائين، انتظامي قدم ۽ قانوسازي پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ٿي آهي، پوءِ حڪومت اڄ ڪهڙي ڳالهه جو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته حماد اظهر، ناڻي واري وزارت ۽ پرڏيهي وزارت گڏجي حڪمت عملي جوڙي، عسڪري اداري جي لاڳاپيل اختيارين ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي ماڻهن سهڪار ڪيو.

هن اميد ظاهر ڪندي چيو ته فيٽف ٽيم پنهنجي دوري دوران هاڪاري اڳڀرائي ڏسندي مثبت فيصلو ڪندي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.