دادو ڀرسان ٻڏي ويل ٻئي نوجوان اسپتال منتقل، حالت ڳڻتي جوڳي

دادو ( ڊ ر )  دادو ڀرسان ڳوٺ لال بخش شاهاڻي ۾ برانچ ۾ وهنجندي ٻه ڄڻا ٻڏي ويا. ٻڏي ويل 16 ورهين جي فهد شاهاڻي ۽ 17 ورهين جي ڪاشف شاهاڻي کي ڳوٺاڻن هڪ ڪلاڪ تائين ڳولا بعد پاڻي مان ڪڍي بيهوشي واري حالت ۾ سول اسپتال دادو منتقل ڪيو. سول اسپتال دادو مان ٻنهي نوجوانن کي ابتدائي طبعي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي. ٻڏي بيهوش ٿي ويل نوجوان فهد شاهاڻي جي والد عبدالنبي شاهاڻي ٻڌايو ته فهد ۽ ڪاشف برانچ ۾ وهنجي رهيا هئا ته هڪ ڄڻو ٻڏي ويو ته ٻيو ان کي بچائڻ لاء ويو ته ٻئي ڄڻا ٻڏي ويا جن کي مقامي ٽوٻن جي مدد سان پاڻ پاڻي مان بيهوشي واري حالت ۾ ڪڍي اسپتال کڻي آياسين سول اسپتال انتظاميه ٻنهي ڄڻن کي سيوهڻ اسپتال ريفر ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.