رپڙي ڀرسان عدالت ۾ حاضري تي ويندڙ 2 ڄڻا قتل، سوين ماڻهن پاران لاش رکي ڌرڻو

گمبٽ/ رپڙي/ راضيديرو (رپورٽ: الھداد اڄڻ+ نصير احمد ناريجو + خالد حسين کهڙو) رپڙي ويجھو بهارو ٿاڻي جي حد ۾ پلاند ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، ڪالهه خيرپور لاڙڪاڻي روڊ تي ڪار ۾ ڪورٽ ۾حاضري تي ويندڙ ڀٽي برادري جي ماڻھن تي ھٿياربندن حملو ڪري ٻن ماڻھن کي زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي بھارو پوليس گمس اسپتال پھچايو جتي ٻنهي ڄڻن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، سندن لاش  پوسٽ مارٽم بعد وارثن  حوالي ڪيا ويا، واقعي کانپوءِ ڀٽي برادري سراپا احتجاج بڻجي ويا، سوين ماڻھن خيرپور لاڙڪاڻو روڊ تي لاش رکي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، ان دوران ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال ڌرڻي ۾ پهچي ڳالهيون ڪيون پر مظاهرين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد ڀٽي برادري جي مرشد پير نور الھديٰ شاھ پهچي احتجاج ختم ڪرايو، ٻنھي ڌرين ۾ ڏيڍ مھينو اڳ زمين تي پاڻي جي واري تان جھيڙو ٿيو ھو جنهن ۾ منٺار جتوئي مارجي ويو ھو جنھن جي پلاند ۾ مخالف ڌر اھڙي ڪارروائي ڪئي، مقتولن جي وارثن موجب ڳوٺ لال بخش ڀٽي جا رھواسي امام بخش ڀٽي ۽ جاويد ڀٽي حاضري تي ڪورٽ وڃي رھيا ھئا ته تاڙ ۾ويٺل جتوئي برادري جي ھٿيار بندن مٿن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.