”وقت کان اڳ جشن نه ملهايو، اڃا گري لسٽ مان نڪرڻ جو عمل شروع ٿيو آهي“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته اڃا گري لسٽ مان نڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حنا رباني کر چيو ته پاڪستان مني لانڊرنگ روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا، خوشي آهي فيٽف پاڪستان کي ڪليئر ڪري ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان جي شرطن جي پورائي واري ڪوشش کي مڃي ورتو آهي.

حنارباني کر چيو ته فيٽف ٽيم مشاورت کانپوءِ پاڪستان ايندي ۽ اميد ته آڪٽوبر مهيني تائين گري لسٽ مان نڪرڻ جو عمل مڪمل ٿي ويندو، گري لسٽ مان نڪرڻ بعد پاڪستان جون معاشي حالتون بهتر ٿينديون.

مملڪتي وزير چيو ته فيٽف سان پاڪستان جو سهڪار اسان جي حڪمت عملي جو حصو آهي، اسان فيٽف اختيارين سان رابطي ۾ آهيون، پاڪستان جو فيٽف ۽ عالمي برادري سان سهڪار معيشت بهتر بڻائڻ جي ڪوشش جو حصو آهي، انشاءَ الله جلد پاڪستان گري لسٽ مان نڪري ويندو.

حنا رباني کر چيوته پاڪستان کي ڏنل شرطون ڏکيو هيون ۽ پاڪستان اڪيلو ملڪ آهي جنهن کي شرطن جي پورائي لاءِ ٻن ايڪشن پلانز تي هڪ ئي وقت عمل ڪرڻو پيو.

سندس چوڻ هو ته جيئن ڪنهن ملڪ کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو جو هڪ عمل آهي اهڙي نموني نڪرڻ جو به هڪ عمل آهي، اهو چوڻ ته گهڻو ڪجهه ٿي ويو ان کان پاسو ڪرڻ گهرجي پر اهو چوڻ غلط آهي ته اسان گري لسٽ مان ناهيون نڪتا، هن وقت گري لسٽ مان نڪرڻ واري عمل جو پهريون ۽ آخري مرحلو شروع ٿي چڪو آهي، اسان ان مرحلي کانسواءِ نٿا نڪري سگهون ڇاڪاڻ ته اهي سمورا عمل گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ گهربل هوندا آهن.

حنا رباني کر چيو ته پاڪستان دهشتگردن جي مالي مدد کي روڪيو آهي، هاڻي ٻين ملڪن جي مدد ڪرڻ واري پوزيشن ۾ آهيون، جيڪو ٿيو سو ٿيو، هاڻي اسان کي اڳتي وڌڻو آهي، پاڪستان کي ٻيهر ساڳين حالتن ڏانهن  وڃڻ نه ڏبو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.