لاهور (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي فوجي سربراهه جنرل (ر) پرويز مشرف جي وطن واپسيءَ تي مختلف سياسي ۽ صحافتي حلقن ۾ بحث جاري آهي، نامياري صحافي گوهر بٽ پنهنجي وي لاگ ۾ ڄاڻايو آهي ته ان موضوع تي شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري هڪ ڏينهن اڳ ٽوئيٽ ڪيو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته مشرف روپوش ڀڳوڙو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ۾ سڌي طرح ملوث آهي ان کي جيئري ته معاف نه ٿو ڪري سگهجي پر تاريخ به کيس معاف نه ڪندي، ڪالهه وري اڳوڻي وزيراعظم پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلانيءَ جي نياڻي فضا بطول گيلاني ٽوئيٽ ڪري چيو ته ڪنهن طاقتور کي معاف ڪرڻ بهادر انسان جو ڪم آهي، جنهن جي جواب ۾ وري بختاور ڀٽو ٽوئيٽ ڪري کيس جواب ڏنو ته ماءُ جي قاتل کي معاف نه ٿي ڪري سگهان، اوهان اهڙا ٽوئيٽ مهرباني ڪري نه ڪيو.