ڦورن اڪشي ڪمار جي چپل به نه ڇڏي !

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فلم انڊسٽري جي ايڪشن هيرو اڪشي ڪمار انڪشاف ڪيو آهي ته هن کان ٽرين اندر ڦر ڪئي وئي ۽ ڦورو هن جي چپل به کڻي ويا هئا.

بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار تازو ئي هڪ ٽاڪ شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي زندگي ۾ پيش ايندڙ هڪ دلچسپ واقعي بابت ڳالهايو.

اڪشي ڪمار ٻڌايو ته هڪ ڀيري هن کان ٽرين ۾ ڦورن ڦر ڪئي، مان اڃا 4500 کان 5000 رپين جي شاپنگ ڪئي هئي ۽ مان ان سڀ سان ٽرين تي چڙهي پيس، مان ٽرين ۾ سمهي رهيو هئس پر اوچتو منهنجي اک کلي ته مان ڏٺو ڪجهه ڦورو ٽرين اندر ماڻهن کان سمورو سامان کڻي رهيا آهن.

اڪشي ڪمار چيو ته پوءِ ڦورو منهنجي ويجهو آيا ۽ منهنجو سمورو سامان کڻي ويا، جيڪڏهن مان رڙيون ڪريان ها ته هو مونکي گولي هڻي ڇڏين ها، شو جي ميزبان اداڪار انوپم کير اڪشي کان پڇيو ته توهان ان وقت ڇا ڪري رهيا هئا جڏهن ڦورو توهان جو سامان کڻي وڃي رهيا هئا؟ ادا جواب ڏنو ته مان روئي رهيو هئس.

هن وڌيڪ چيو ته مان جيڪو سامان 4500 رپين ۾ خريد ڪيو هو، اهي سڀ ڦري ويا هئا ۽ مان پراڻي دهلي اسٽيشن تي بنا سامان جي لهي ويس ان وقت مان ڪو امير هيرو نه هئس ۽ اهو سامان مون لاءِ تمام گھڻي اهميت پيو رکي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.