اين اي 240 تي اڄ ننڍي چونڊ،203 پولنگون انتهائي حساس

ڪراچي (رپورٽر)قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 240 ڪراچي تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ اڄ ٿيندي. تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. اليڪشن ڪميشن موجب پولنگ جو سامان، بيلٽ پيپرز، پولنگ ٿيلها ۽ پولنگ عملو سيڪيورٽي سان پولنگ اسٽيشنن تي پهچي چڪو آهي.ايم ڪيو ايم سان واسطو رکندڙ اقبال محمد علي خان جي لاڏاڻي سبب تڪ خالي ٿيل تڪ تي ٻيهر ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي.اين اي 240 تي مجموعي طور 25 اميدوار ميدان تي لٿل آهن، جن ۾ پيپلز پارٽي جو ناصر رحيم لوڌي، ن ليگ جو سيد فيضان انيس، جي ڊي اي جو تنوير احمد، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو محمد ابوبڪر، ٽي ايل پي جو شهزاده شهباز، پي ايس پي جو شبير احمد قائمخاني، مهاجر قومي موومينٽ جو سيد رفيع الدين ۽ ٻيا شامل آهن. مسعود محمود، شاهد نواز، شاهين خان، شايان احمد صديقي، عارف اسلم، عمير انجم، آفاق جمالي، ارشاد احمد، امين الدين، ايرڪ مشتاق، حبيب الله، ساجد حسين، محمد اختر، محمد اسلم رضا، محمد صادق، محمد نعيم ۽ نگهت فاطمه آزاد اميدوار طور مقابلو ڪندا. پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي به اليڪشن ۾ حصو نه وٺي رهي آهي. قومي اسيمبلي جي هڪ تڪ ۾ ووٽرز جو ڪل انگ 5 لک 29 هزار 855 آهي، جن ۾ 2 لک 35 هزار 470 عورت ووٽرز ۽ 2 لک 94 هزار 385 مرد ووٽرز آهن.ننڍي چونڊ لاءِ 309 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 203 انتهائي حساس ۽ 106 حساس آهن، پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي شروع ٿيندو، جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام پنجين وڳي تائين جاري رهندو.2018ع جي  عام چونڊن ۾ اين اي 240 تي ايم ڪيو ايم جي اقبال محمد علي خان 61 هزار 165 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل  ڪئي هئي، جڏهن ته ٽي ايل پي جي محمد آصف 30 هزار 535 ووٽ، پي ٽي آءِ جي فرخ منظور 29 هزار 941 ووٽ، ايم ايم اي جي عبدالجميل خان 19 هزار 323 ووٽ، مهاجر قوومي موومينٽ جي آفاق شفق 14 هزار 376 ووٽ، پيپلز پارٽي جي محمد فيروز 7 هزار 586 ووٽ کنيا، جڏهن ته پي ايس پي جي آصف حسنين رڳو 6 هزار 661 ووٽ حاصل ڪيا . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.