تائيوان تي چين-آمريڪا تڪرار، عالمي جنگ جو خطرو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)ڇا دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي جنگ طرف وڌي رهي آهي، ڇا آمريڪا هر صورت ۾ سپر پاور واري حيثيت قائم  رکڻ چاهي ٿو، نامياري صحافي مبشر لقمان پنهنجي تجزياتي وي لاگ ۾ ڄاڻايو آهي ته روس ۽ يوڪرين ۾ جنگ جاري آهي، جنهن ڪري سڄي دنيا سخت معاشي حالتن کي منهن ڏئي رهي آهي، عالمي منڊي ۾ ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن. هوڏانهن روس پنهنجي جنگي حڪمت عملي اهڙي جوڙي آهي ته جيئن آمريڪا ۽ يورپي ملڪن کي ٿڪائي اتان جي ماڻهن کي حڪمرانن خلاف ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪري، انڪري روس بجاءِ جو تڪڙا حملا ڪري يوڪرين تي قبضو ڪري وٺي، بلڪل سست رفتاريءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي نتيجي طور هر گذرندڙ ڏينهن دنيا ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي، پيٽرول رسد متاثر ٿي رهي آهي، خود يورپي ملڪ ۽ آمريڪا به معاشي تنگي طرف وڌي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ وري چيني ۽ آمريڪا ۾ تائيوان جي معاملي تي تڪرار ڪر کڻي رهيو آهي، تائيوان جي ڀرپاسي چين جي جنگي جهازن جون اڏامون ۽ چرپر تي آمريڪا ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، جواب ۾ چين ڌمڪي ڏني آهي ته تائيوان تي آمريڪا قبضي جي ڪوشش ڪئي ته چين جنگ لاءِ تيار آهي، ظاهر آهي اها صورتحال يورپي ملڪن ۽ لاڳاپيل رياستن کي پريشان ڪري رهي آهي، ڇو ته جيڪڏهن آمريڪا يا چين اڳرائي ڪئي ته ان جا نتيجا سڄي دنيا کي ڀوڳڻا پوندا، چين ۽ روس آمريڪا دشمني ۾ ڪو نئون بلاڪ جوڙي سگهن ٿا، جنهن سان دنيا جو نقشو ئي تبديل ٿي ويندو ۽ سڄي دنيا معاشي ڏڪاري حالتن طرف ڌڪجي ويندي ۽ خطرناڪ انساني الميو جنگ وٺندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.