ڪرمنل ڪيس، ٽنڊوالهيار پوليس جا 22 اهلڪار لائين حاضر

ٽنڊوالهيار ( ڊ ر ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي حڪم تي ڊي آئي جي حيدرآباد رينج پير محمد شاھ جي لکيل ليٽر  بعد ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي ٽنڊوالهيار ضلعي جي 22 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ڪرمنل ڪيسن ۾ ملوث هجڻ ۽ ڪرمنل رڪارڊ  سبب لائين حاضر ڪري ڇڏيو. جن ۾ 3 ايس ايڇ اوز، هڪ انسپيڪٽر . 2 اي ايس آئي . 4 وڏا منشي ۽ 12 پوليس ڪانسٽيبل اهلڪار شامل آهن. ايس ايڇ او بي سيڪشن ٽنڊوالھيار بهادر خان جمالي . ايس ايڇ او بڪيراشريف آدم ابڙو . ايس ايڇ او نصرپور عبدالغفور خاصخيلي . انسپيڪٽر سي آئي اي عمران اختر چانڊيو . وڏو منشي بڪيرا شريف قلندر بخش پتافي . وڏو منشي چمبڙ يعقوب بجاراڻي . وڏو منشي ون فائيو الطاف حسين رند . وڏو منشي بي سيڪشن ٽنڊوالھيار ڪانجهي مل سميت 22 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار شامل آهن. 12 پوليس اھلڪارن ۾ محمد حسن. عبدالستار. الھڏنو. زاھد علي. رياض گل. خالد لطيف. گل بھار. سڪندر علي. علي اصغر. آصف علي. فضل حسين ۽ جاويد علي شامل آھن.  سڀني کي لائين حاضر ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.