واهي پانڌي (ن ع آ) واهي پانڌي ۾ پورهيت غلام رسول رستماڻي، غلام محمد رستماڻي، امين رستماڻي ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته وياج خور حڪيم جمالي ۽ شاهن رستماڻي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي اسان جي پيسا ورتا هئا اهي ڏئي ڇڏيا آهن پوءِ به هو اسان تنگ ڪري رهيا آهن ۽ موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن واهي پانڌي پوليس وٽ به ويا آهيو پر اها وياجرن جي ڌر بڻيل آهي هنن ايس ايس پي دادو ۽ آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته وياجين خلاف ڪارروائي ڪري بي چيني ختم ڪئي وڃي.