ٻي ون ڊي: پاڪستان جو ويسٽ انڊيز کي ڪاميابي لاءِ 276 رنسن جو هدف

 

ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٻي ون ڊي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي ڪاميابي لاءِ 276 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو.

ملتان ۾ پاڪستان ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 275 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان ڪپتان بابر اعظم 77 ۽ امام الحق 72 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا، ٻين رانديگرن ۾ شاداب خان ۽ خوشدل شاهه 22-22، فخر زمان ۽ محمد وسيم 17-17، محمد رضوان ۽ شاهين آفريدي 15-15 رنسون ٺاهيون.

ويسٽ انڊيز طرفان عقيل حسين 3، الزاري جوسيف ۽ اينڊرسن فلپ 2-2 وڪيٽون ورتيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.