ڪراچي وارن کي ڪرنٽ، نيپرا کي بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کي بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ اپريل جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 4 رپيا 86 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.

ڪي اليڪٽرڪ ترجمان موجب نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) قانونن موجب ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ماهوار ٻڌڻي 14 جون تي ڪئي ويندي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته مارچ کان اپريل 2022 تائين فرنس آئل جي قيمتن ۾ 22 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.