اڏيري لال ۾ آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو

اڏيرولال (رپورٽ: سڪندر ساهووال)اڏيرولال اسٽيشن لڳ روهڙي ڪينال مان نڪرندڙ آرائين شاخ جي سوين آبادگارن جو جاکري موري مان نڪرندڙ آرائين شاخ جي سوين آبادگارن جو جاکري موري تي احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هڻي 3 ڪلاڪ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. نعريبازي ڪندي اڳواڻن مختيار علي ڏيٿو، ڏتو لڙڪو، محمد ڏيٿو، حافظ عتيق ميمڻ، ذوالفقار علي ڏيٿو ۽ ٻين دانهيندي الزام هنيو آهي ته ايس ڊي او سلطان آرائين رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، اسان کان لکين رپيا رشوت طلب ڪري رهيو آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته ايس ڊي او بااثر زميندارن کي رشوت عيوض پاڻي ڏنو وڃي ٿو. ايس ڊي او اسان ننڊن آبادگارن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن ۽ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته توهان اسان جو ڪجهه به نٿا بگاڙي سگهو ۽ منهنجي پهچ مٿي تائين آهي. هنن هاءِ ڪورٽ ايريگيشن جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ ايس ڊي او فوري هٽائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.