شهبازشريف ڪپڙا وڪڻڻ بدران ڪرپشن ختم ڪري: سراج الحق

لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ ۾ ڊمي حڪومت ۽ ڊمي اپوزيشن آهي. پاڪستان جافيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيڻ جي بدران آمريڪا ۽ آئي ايم ايف جي دفترن ۾ ٿي رهيا آهن وزيراعظم اعلان ڪيو آهي ته هو ڪپڙا وڪرو ڪري غريبن کي رليف ڏيندو مان کيس چوان ٿو ته ڪپڙا وڪڻڻ بدران ڪرپشن جو خاتمو ڪيو وڃي. سود جي شرح سسٽم ۽ ڪرپشن مسئلا آهن. حڪمرانن جي آسائشن جو بار عوام برداشت ڪري رهيو آهي، هن چيو ته سموريون سياسي پارٽيون گڏ نه ويٺيون ته ٽريفڪ پوليس ايندي فرسوده نظام کي تبديل ڪرڻو پوندو. مسئلي جي پاڙ حڪمران طبقو آهي ٽي وڏيون پارٽيون ناڪام ٿي چڪيون آهن. مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته مسئلن جو حل اسلامي نظام آهي. شير، تير ۽ بلو ناڪام ٿي بي نقاب ٿي ويا، هاڻي قوم وٽ ترازو ئي بچيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.