ملاح جي زندگي تبديل ڪندڙ مڇي

سڪندر چنو

بلوچستان جي سامونڊي بندرگاهه وٽان هڪ اهڙي ڪروڪر مڇي پڪڙي وئي آهي جيڪا هڪ ڪروڙ چوٽيهه لکن کان به وڌيڪ قيمت وڪرو ٿي آهي. جانورن جي تحفظ بابت بين الاقوامي اداري ڊبليو ڊبليو ايف جي ريسرچ ايوسيئيٽ سڌير بلوچ موجب ته هيءَ مڇي جيوني جي سامونڊي علائقي مان پڪڙي وئي آهي. ان جو چوڻ آهي ته هن مڇي جو گوشت في ڪلو 2 لک 80 هزار ۾ وڪرو ٿيو آهي. جيڪو هڪ تاريخي رڪارڊ گوادر سان تعلق رکندڙ سينيئر صحافي بهرام بلوچ ٻڌايو ته اڄ تائين سڀ کان زياده وڪامندڙ ڪروڪر مڇي آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ملاحن جي هڪ ٽيم 18 ڪروڪر مڇيون پڪڙيون هيون پر مجموعي طور اهي سڀ جو سڀ 08 لک رپين تائين وڪامجي سگهيون. انهن 18 مڇين جي مقابلي ۾ هي اڪيلي ڪروڪر مڇيءَ جي قيمت آخرڪار ايڏي وڏي ٻولي ڇو لڳي؟ صحافي بهرام بلوچ ٻڌايو ته خميس جي ڏينهن جيوني جي علائقي ۾ هي مڇي پڪڙي وئي هئي. جيڪا ايراني سرحد جي ويجهو ملاحن جي هڪ ننڍڙي بستي موجود آهي. رابطو ڪرڻ تي سڌير بلوچ ٻڌايو ته 48 ڪلو وزني هي مڇي 1 ڪروڙ 34 لکن کان به وڪرو ٿي آهي. جيڪا هڪ گوادر بندرگاهه جي تاريخ آهي. ان کان اڳ ساجد عمر نالي ملاح پنهنجن ساٿين سان گڏجي گوادر جي سامونڊي علائقي ۾ گنز وٽان 18 ڪروڪر مڇيون پڪڙيون هيون پر انهن جو وزن گهٽ هجڻ سبب اهي مڇيون مجموعي طور 8 لک رپين تائين وڪامجي سگهيون. سڌير بلوچ وڌيڪ ٻڌايو ته انهن مڇين جي قيمت جو انحصار انهن جي ايئر بليڊر تي هوندو آهي جنهن ۾ هوا ڀرڻ جي ڪري اهي ترنديون آهيون. جنهن مڇي جو وزن وڌيڪ هوندو آهي ان جو بليڊر به وڏو ٿيندو آهي. ٻيو نر ڪروڪر مڇين جي بليڊر جي سائيز به وڏي ٿيندي آهي ان لاءِ مادي ڪروڪر جي مقابلي ۾ نر ڪروڪر جي قيمت وڌيڪ ٿيندي آهي. هن چيو ته جيوني جي علائقي مان جيڪا ڪروڪر مڇي پڪڙي وئي آهي ان جو وزن 48 ڪلو کان به وڌيڪ آهي. جنهن جي ڪري اها وڏي قيمت تي وڪرو ٿي آهي. سوال اهو اهي ته آخرڪار اها مڇي ايتري قيمتي ڇو آهي؟ ماهرين جي چوڻ مطابق ان مڇي کي ڪروڪر جي آواز جي ڪري ڪروڪر چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته هي پنهنجي آواز وسيلي مادي مڇي کي آواز ڏيڻ يا ٻين ساٿين مڇين کي سڏي انهن سان رابطي ۾ اچڻ لاءِ آواز ڪڍندي آهي. هن مڇي جو گوشت ڪاسميٽڪس ۽ صابڻ ۾ استعمال ٿيڻ کان علاوه هن جو بليڊر شراب جي صفائي جي ڪم پڻ ايندو آهي. آخرڪار انهن مڇين ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالهه آهي جنهن جي ڪري هنن مڇين جي قيمت ايڏي وڏي هجي ٿي؟ گوادر ڊولپمينٽ اٿارٽي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ماحوليات ۽ سامونڊي جيوت جي ماهر عبد الرحيم بلوچ ٻڌايو ته ڪجهه مڇيون پنهنجي گوشت جي ڪري زياده قيمت ۾ وڪرو ٿينديون آهن ليڪن ڪروڪر جي حوالي سان معاملو ڪجهه مختلف آهي. هن چيو ته ڪروڪر مڇي جو ايئر بليڊر انساني جسم جي اندروني عضون ۾ سرجري جي ٽاڪن لڳائڻ وقت خاص ڪري دل جي آپريشن ۾ اسٽچنگ وغيره ۾ استعمال ٿيندو آهي. گوادر ۾ محڪمه فڇريز جي سينيئر آفيسر احمد نديم جو چوڻ آهي ته سرجري ۾ استعمال جي لاءِ ڪروڪر مڇيءَ جي ايئر بليڊر جا ڌاڳا ٺاهيا ويندا آهن. ان جي خوبي اها آهي ته هي جيلي جيان جذب ٿيندي آهي. ۽ زخم کي ڄمائي ڇڏيندي آهي. يعني زخم کي جلد کان جلد سڪائي ڇڏيندي آهي. سرجري ۾ ٽاڪن لڳائڻ کان پوءِ انهن کي ڪڍڻ جي ڪابه ضرورت نه پوندي آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ان جي بليڊر مان ٺهندڙ صابڻ کي چين، يورپ ۽ ٻين ٿڌن ملڪن ۾ موڪليو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته اتي جا ماڻهو سردي هجڻ سبب هن صابڻ کي وڌيڪ استعمال ڪندا آهن. مڇي مان صابڻ ۽ ٻيون ڪاسميٽڪس ٺاهيندڙ ڪمپنيون وڏو ناڻو ڪمائينديون آهن.

گوادر بندرگاهه تي ڪم ڪندڙ احمد نديم ٻڌايو ته جسماني طاقت کي وڌائڻ کان علاوه ڪيلشيم زياده هجڻ سبب هن مڇي جو گوشت ڪرنگهي جي هڏي کي مضبوط ڪندو آهي ۽ ان لاءِ وڏو مفيد پڻ آهي. ڊبليو ڊبليو ايف جي رسرچ ايسوسيئيٽ سڌير بلوچ ٻڌايو ته ڪروڪر مڇي جو ايئر بليڊر ڪاسميٽڪس جي تياري ۾ وڌيڪ استعمال ٿيندو آهي. سڌير بلوچ وڌيڪ ٻڌايو ته ڪاسميٽڪ ۽ صابڻ ۾ استعمال ٿيڻ کان علاوه هن جو بليڊر شراب کي صاف ڪرڻ ۾ پڻ ڪم ايندو آهي. هن چيو ته شراب کي صاف ڪرڻ لاءِ شام ملڪ جي ڳئون جي چرٻي به استعمال ڪئي ويندي آهي. پر ڪافي مذهبي عقيدي جا ماڻهو ڳئون جي چرٻيءَ جي جاءِ تي ڪروڪر مڇي جي بليڊر کي استعمال ڪري شراب کي صاف ڪندا آهن. ماضي ۾ ڪروڪر مڇي جي ايئر بليڊر کي مقامي طور تي سڪائي بعد ۾ سري لنڪا موڪليو ويندو هيو جيڪو بمشڪل 100 روپي ۾ وڪامندو هيو. هن چيو ته ان کان پوءِ ڪراچي ۾ گوشت کپائڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ هن مڇي جي گوشت جي في ڪلو قيمت 5000 هزارن تائين جيڪا هاڻي لکن روپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. هاڻي ڪولنگ ٽيڪنالاجي جي ڪري ڪروڪر جي ايئر بليڊر کي هتي نٿو ڪڍيو وڃي بلڪه ڪراچي کڻي وڃي اتي صاف ڪيو ويندو آهي.

بهرحال ڪروڪر مڇي غربت جا ارمان دل ۾ سانڍي ملاح جڏهن سمنڊ ۾ لٿو ته ان کي ڪهڙي خبر ته اڄ ڪروڪر مڇي سندس ڄار ۾ ڦاسندي ۽ سندس زندگي تبديل ٿي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.