مداخلت نه ڪندڙ فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا: سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر) پورهئي ۽ افردي سگهه واري صوبائي وزير ۽ پيپلزپارٽي ڪراچي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته 15 مئي آچر ڏينهن شام جو 5 وڳي هوائي اڏي جي ٽرمينل ون (اولڊ ايئرپورٽ) تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويندو ۽ اتي جلسو به ٿيندو. انهن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن پنهنجي ڪيمپ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سعيد غني وڌيڪ چيو ته اسين سياسي مداخلت نه ڪندڙ فوج کي سلام پيش ڪيون ٿا. اليڪشن ڪرائڻ جو آئيني اختيار هاڻي شهباز شريف وٽ آهي. جڏهن مرضي اليڪشن ڪرائي. هن چيو ته اڳوڻو وزيراعظم ڊڪٽيشن نه ڏي ڇو ته مدو اسيمبلين جو هوندو آهي ، وزيراعظم جو نه. ان موقعي تي پيپلزپارٽي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ سنڌ جي وڏي وزير جو خاص معاون وقار مهدي، پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري، سردار نزاڪت ۽ ٻيا به ساڻس گڏ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.