ڊاڪٽر صغير ۽ وسيم آفتاب سميت 4 پي ايس پي اڳواڻ متحده ۾ واپس

ڪراچي( رپورٽر) پاڪ سر زمين پارٽي (پي ايس پي) جي ڊاڪٽر صغير ۽ وسيم آفتاب سميت چئن اڳواڻن ايم ڪيو ايم ۾ ٻيهر شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيندڙن ۾ ڊاڪٽر صغير احمد، وسيم آفتاب، طحهٰ احمد ۽ سليم تاجڪ شامل آهن ۽ اهي اڳواڻ پي ايس پي قيادت سان ڪاوڙجڻ بعد متحده ۾ شامل ٿي رهيا آهن. ٻئي پاسي ڊاڪٽر صغير ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شموليت جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته وسيم آفتاب، سليم تاجڪ، طحهٰ احمد ۽ مان متحده ۾ شامل ٿي رهيا آهيون. ٻئي طرف پي ايس پي ترجمان وضاحت ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر صغير سميت چارئي اڳواڻ چار سال اڳ پارٽي ڇڏي چڪا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.