محبوبا سان ملڻ لاءِ همراهه سڄي ڳوٺ جي بجلي ڪاٽي ڇڏي

 

دنيا ۾ آئي ڏينهن اهڙا عجيب واقعا پيش ايندا رهندا آهن، جن بابت ٻڌي ماڻهو دنگ رهجي وڃي.

اهڙو ئي هڪ واقعو ڀارت ۾ پيش آيو آهي، جتي هڪ همراهه (جيڪو اليڪٽريشن آهي) پنهنجي محبوبا سان ملڻ لاءِ سڄي ڳوٺ جي بجلي ڪاٽي ڇڏي.

ڀارتي ميڊيا موجب بهار رياست جي پورنيا ضلعي جي ڳوٺ گنيش پور ۾ اهو واقعو پيش آيو، جتي هڪ همراهه پنهنجي محبوبا سان ملڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا رات جي وقت ڳوٺ جي بجلي ڪاٽي ڇڏي.

همراهه جي اهڙي حرڪت جو راز نيٺ فاش ٿي ويو، مقامي ماڻهن کي ان عاشق جي سڄي خبر پئجي وئي.

رپورٽن موجب سڄو ڳوٺ روز بجلي وڃڻ سان پريشان هو ۽ اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته هيٺ مسئلو ڪهڙو آهي، ڳوٺ هر شام هڪ خاص وقت ۾ اونداهي ۾ ٻڏي ٿو وڃي، جڏهن ته ڀرپاسي ۾ بجلي جو ڪو مسئلو ناهي.

اکين ڏٺن شاهدن موجب ان شخص کي پڪڙي ڳوٺ وارن جوڙي جي شادي ڪرائي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.